Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:16 - Common Language New Testament

16 رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 رڳو اهو ئي ابناسي آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ ايشور جو مان‌سمان ٿيندو رهي ۽ سندس شڪتي هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:16
30 Iomraidhean Croise  

ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! ھيترو وقت آءٌ اوھان سان ھوس تہ بہ اوھين مون کي نہ ٿا سڃاڻو؟ جنھن بہ مون کي ڏٺو آھي تنھن پيءُ کي ڏٺو آھي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکار‘؟


ان جي معنيٰ اھا نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ پيءُ کي ڏٺو آھي، پر رڳو انھيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آھي، جيڪو خدا جي طرفان آيو آھي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ابراھيم جي ڄمڻ کان اڳي بہ آءٌ آھيان.“


شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙھي بہ پيڙھي ھميشہ تائين سندس واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.


شل اسان جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنھن جي ظاھري صورت مسيح آھي. ھو ساري مخلوقات کان مٿاھون آھي.


ھاڻي دائمي بادشاھہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


عيسيٰ مسيح ڪالھہ توڙي اڄ، بلڪ ھميشہ تائين ساڳيو ئي آھي.


ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


ھاڻي، جيڪو پيغام اسان سندس فرزند کان ٻڌو آھي، سو اوھان کي ڏيون ٿا تہ ”خدا روشني آھي ۽ منجھس اوندھہ تہ اصل آھي ئي ڪانہ.“


پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


ڪنھن بہ انسانذات ڪڏھن بہ خدا کي نہ ڏٺو آھي. پر جيڪڏھن اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.


انھيءَ واحد خدا، اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي جلال ۽ عظمت، قدرت ۽ اختيار سونھي، جيئن ازل کان ھو، ھاڻي آھي ۽ ھميشہ تائين ھوندو. آمين.


ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“


مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو.


اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.


”اي اسان جا خداوند ۽ خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين، ڇالاءِ⁠جو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون ۽ وجود ۾ آيون.“


چوڻ لڳا تہ ”آمين، اسان جي خدا جي تعريف، جلال، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت، ھميشہ ھميشہ تائين ھجي. آمين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan