Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:13 - Common Language New Testament

13 آءٌ انھيءَ خدا کي، جيڪو ھر شيءِ کي زندگي ٿو بخشي ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي جنھن پنطيس⁠پلاطس جي اڳيان سچائيءَ جو اقرار ڪري شاھدي ڏني ھئي، حاضر ناظر ڄاڻي تو کي تاڪيد ٿو ڪريان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 آئون خدا جي حضور ۾ توکي تاڪيد ٿو ڪريان، جو سڀني شين کي جيئرو ٿو رکي، ۽ مسيح يسوع جي حضور ۾ جنهن پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪيو هو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

13 آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، جيڪو هر جاندار کي جيون ٿو بخشي ۽ يسوع مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:13
22 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ گورنر جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنھن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“


سو ھن کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيائونس.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“


جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو.


جيئن پيءُ زندگيءَ جو وسيلو آھي، تيئن ھن پنھنجي فرزند کي بہ زندگيءَ جو وسيلو بڻايو آھي،


ھو ڪنھن بہ شيءِ جو محتاج نہ آھي ۽ نڪي ھو ڪنھن کان خدمت ڪرائڻ گھري ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساھہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏنو آھي.


انھيءَ خدمت مان ماڻھن کي اھو ثبوت ملندو، تہ ڪيئن نہ اوھين مسيح جي خوشخبريءَ جو اقرار ڪندي تابعداري ڪري ٿا ڏيکاريو. اھي انھيءَ ڪري خدا جي تعريف ڪندا ۽ انھيءَ ڪري بہ تہ اوھين ھنن جي بلڪ سڀني ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ سخاوت سان شريڪ ٿيو ٿا.


ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو.


آءٌ، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي ۽ جنھن مون کي وفادار سمجھي پنھنجيءَ خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي تہ عيسيٰ مسيح گنھگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن مان بدترين آءٌ آھيان.


ڇالاءِ⁠جو خدا ھڪڙو آھي ۽ خدا ۽ ماڻھن جو وچ وارو بہ ھڪڙو ئي آھي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آھي.


خدا، عيسيٰ مسيح ۽ چونڊيل ملائڪن کي حاضر ڄاڻي آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ انھن ھدايتن تي بنا تعصب جي عمل ڪر ۽ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ طرفداري نہ ڪر.


ايمان جي لڙائي چڱيءَ طرح وڙھہ. دائمي زندگيءَ کي ھٿ ڪر، جنھن جي لاءِ تون سڏيو ويو ھئين، جڏھن تو گھڻن شاھدن جي روبرو ايمان جو چڱو اقرار ڪيو ھو.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.


ھن مون کي چيو تہ ”اھي ڳالھيون پوريون ٿي چڪيون آھن. آءٌ اول ۽ آخر، ازلي ۽ ابدي آھيان. جيڪو اڃايل آھي تنھن کي آبِ⁠حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،


”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan