Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:3 - Common Language New Testament

3 انھن رنن⁠زالن جو پورو قدر ڪر، جيڪي سچ⁠پچ نڌڻڪيون آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جيڪي بيوهہ زالون سچ پچ بيوهہ آهن، تن کي عزت ڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 انهن وڌوائن جو پوريءَ طرح مان ڪر، جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 انهن رنن‌زالن جي پوريءَ طرح عزت ڪر، جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:3
28 Iomraidhean Croise  

تہ پوءِ ڀلي پنھنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري. اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا.


”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


۽ پوءِ رن⁠زال ٿي. ھاڻي سندس عمر چوراسي ورھيہ ھئي، پر ڪڏھن بہ ھيڪل کان پير ٻاھر نہ ڪڍيائين ۽ رات ڏينھن روزا رکي، دعائون گھري پئي عبادت ڪندي ھئي.


جڏھن شھر جي دروازي جي ويجھو پھتو تہ ڏٺائين تہ ماڻھو ھڪڙي مُڙدي کي ٻاھر کنيو پئي ويا. اھو ماءُ جو اڪيلو پٽ ھو، جيڪا رن⁠زال ھئي. شھر جا ڪيترائي ماڻھو ان سان گڏ ھئا.


جڏھن عيسيٰ نٿن⁠ايل کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو، تڏھن سندس بابت چيائين تہ ”اِجھو، ھي بني اسرائيل جو سچو ماڻھو اٿوَ، ھن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آھي.“


ٿورن ڏينھن کان پوءِ جيئن ئي شاگردن جو تعداد وڌندو ويو تہ يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين عبراني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين جي خلاف شڪايت ڪئي. يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودي ڪرڪڻ لڳا تہ ھنن جي رنن⁠زالن کي روزانو کاڌي جي ورھاست وقت وساريو ٿو وڃي.


پطرس اٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتو تہ اھي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنون⁠زالون ھن جي ڀرسان بيھي روئڻ لڳيون ۽ کيس دورڪاس جا ٺھيل پھراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي ھوءَ انھن سان گڏ ٺاھيندي ھئي.


پطرس کيس ھٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ايمان وارن ۽ رنن⁠زالن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.


اسان ماڻھن کان پنھنجي تعريف ڪرائڻ نہ گھري، نہ اوھان کان، نہ ئي ڪنھن ٻئي کان، جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوھان تي اھڙو بار وجھي ٿي سگھياسين.


وڏيءَ عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر سمجھہ ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي ساڻن پوريءَ پاڪيزگيءَ سان پيش اچ.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي⁠عيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رنن⁠زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.


سڀني ماڻھن جي عزت ڪريو، پنھنجي ھم⁠ايمان برادريءَ سان محبت رکو، خدا کان ڊڄو ۽ بادشاھہ جو احترام ڪريو.


اي مڙسؤ! اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجين زالن سان عقلمنديءَ سان ھلو. عورت ذات کي نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اھي بہ اوھان جي زندگيءَ جي نعمت ۾ وارث آھن. ائين ڪرڻ سان اوھان جون دعائون بي⁠اثر نہ ٿينديون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan