Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:25 - Common Language New Testament

25 ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاھر ٿا ٿين ۽ جيڪي ظاھر نہ آھن سي بہ لڪل نہ ٿا رھي سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 انهيءَ طرح چڱا ڪم بہ ظاهر ٿا ٿين، ۽ جيڪي ظاهر نہ ٿيا آهن، سي بہ لڪل نہ رهندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:25
13 Iomraidhean Croise  

ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“


”ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.


انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“


اتي حنانياہ نالي ھڪڙو ماڻھو ھو، جيڪو دمشق جي سڀني يھودين ۾ معتبر ۽ شريعت موجب ديندار ھو.


يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي.


شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.


تنھن کان سواءِ جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن وٽ بہ کيس نيڪ ناموس ھئڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان ملامت ھيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جيڪي اڄ کان وٺي مسيح جا ٿي ٿا مرن. پاڪ روح چوي ٿو تہ ھائو، اھو سچ آھي تہ اُھي پنھنجي پورھين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي پنھنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan