Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:22 - Common Language New Testament

22 ڪنھن ماڻھوءَ تي ھٿ رکڻ ۾ اُٻھرو نہ ٿيءُ ۽ نڪي ٻين جي گناھن ۾ شريڪ ٿيءُ. پاڻ کي پاڪ رک.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

22 ڪنهن ماڻهوءَ کي سيوا لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي پاپن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پوِتر رکجانءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

22 ڪنهن ماڻهوءَ کي خدمت لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پاڪ رکجانءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:22
18 Iomraidhean Croise  

تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.


جڏھن ھو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گاريون ڏيڻ لڳا تہ ھن پنھنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين تباھہ ٿيا تہ پنھنجا ذميوار اوھين پاڻ آھيو، منھنجو ڪوبہ واسطو نہ آھي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانھن ويندس.“


تنھنڪري اڄوڪي ڏينھن قسم سان چوان ٿو تہ آءٌ اوھان مان ڪنھن جي بہ گمراھيءَ جو ذميوار نہ آھيان،


ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.


اونداھيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انھن کي پڌرو ڪريو.


پھريائين انھن جو آزمودو ورتو وڃي، پوءِ جيڪڏھن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خادم طور ڪم ڪن.


تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.


ھو تازو ايمان آڻيندڙ نہ ھجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان واري سزا ۾ پوي.


ڪوبہ ماڻھو تو کي جوانيءَ سبب حقارت جي نظر سان نہ ڏسي، بلڪ تون ڳالھہ ٻولھہ ۾، ھلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾، ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.


جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.


انھيءَ سبب ڪري آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون خدا جي انھيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منھنجي ھٿن رکڻ جي ڪري تو کي مليل آھي.


جيڪي ڳالھيون تو گھڻن شاھدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آھن، سي اھڙن ڀروسي وارن ماڻھن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق ھجن.


نڪي بپتسمائن ۽ ھٿن رکڻ، مئلن جي وري جيئري ٿيڻ ۽ دائمي عدالت جي تعليم جو بنياد ٻيھر وجھون.


جيڪو کيس سلام ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو.


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”اي منھنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انھيءَ جي گناھن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان ھن جي آفتن مان ڪا اوھان تي اچي نہ پوي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan