12 اھڙيءَ طرح اھي پنھنجو پھريون واعدو ڀڃي پاڻ کي سزا جي لائق ٿيون بڻائين.
12 پوءِ اِهي سزا جوڳيون ٿيون ٿين، ڇالاءِ جو پنهنجي پهرئين انجام تي قائم نہ ٿيون.
جيڪڏھن ڪو بکايل ھجي تہ ڀلي پنھنجي گھر کائي، متان اوھان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالھيون جڏھن آءٌ ايندس تڏھن اچي ٺيڪ ڪندس.
مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنھن اوھان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنھن کان اوھين ايترو جلد ڦري ڪنھن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانھن ٿا وڃو،
پر جوان رننزالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِجو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.
تنھن کان سواءِ اھي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ سکن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪرڻ، ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ بہ سکن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.
اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.
ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟