Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 4:15 - Common Language New Testament

15 انھن ڳالھين کي ڌيان ۾ رک ۽ پاڻ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏ، تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ تي تنھنجي ترقي ظاھر ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 انهن ڳالهين جو خيال رک، انهن ۾ محو رهہ، تہ تنهنجو سڌارو سڀني تي ظاهر ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

15 انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

15 انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 4:15
26 Iomraidhean Croise  

ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“


پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“


اوھان کي استفناس ۽ سندس گھر جي ڀاتين بابت خبر آھي تہ اھي اخيا پرڳڻي ۾ پھريان شخص آھن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. ھنن پاڻ کي خدا جي ماڻھن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جياريو، سو اسان کي بہ عيسيٰ سان گڏ جياريندو ۽ اوھان سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


انھن نہ رڳو اسان جي اميد آھر ڏنو، بلڪ پنھنجو پاڻ کي پھريائين خداوند جي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان جي حوالي ڪيائون.


جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.


پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.


جيڪڏھن تون ايمان وارن کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ٿيندين. انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڳالھين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون ھلندو رھيو آھين.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan