Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 4:14 - Common Language New Testament

14 جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

14 جيڪو وردان تو کي ايشور جي فرمان جي وسيلي وشواسي منڊليءَ جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان مليو هو، تنهن کان لاپرواهي نہ ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

14 جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 4:14
18 Iomraidhean Croise  

سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.


تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.


پوءِ پولس پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ ھو جدا جدا ٻوليون ڳالھائڻ ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.


وڏو سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل ھن ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي سگھن ٿا تہ آءٌ سچ ٿو ڳالھايان. انھن ئي مون کي دمشق جي يھودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانھن روانو ٿيس تہ جيئن اتي وارن کي بہ ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“


ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.


پوءِ پطرس ۽ يوحنا پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.


پاڪ روح، جيڪو باھہ مثل آھي تنھن کي نہ وسايو.


اي منھنجا فرزند تيمٿيس! آءٌ تو کي اھو حڪم سپرد ٿو ڪريان تہ انھن اڳڪٿين موجب جيڪي اڳي تو بابت ڪيون ويون ھيون، تون چڱي جنگ وڙھندو رھہ ۽ ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


انھن ڳالھين کي ڌيان ۾ رک ۽ پاڻ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏ، تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ تي تنھنجي ترقي ظاھر ٿئي.


جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن.


ڪنھن بزرگ تي ڪا تھمت اچي تہ اھا ٻن يا ٽن شاھدن کان سواءِ نہ ٻڌ.


ڪنھن ماڻھوءَ تي ھٿ رکڻ ۾ اُٻھرو نہ ٿيءُ ۽ نڪي ٻين جي گناھن ۾ شريڪ ٿيءُ. پاڻ کي پاڪ رک.


ايمان جي لڙائي چڱيءَ طرح وڙھہ. دائمي زندگيءَ کي ھٿ ڪر، جنھن جي لاءِ تون سڏيو ويو ھئين، جڏھن تو گھڻن شاھدن جي روبرو ايمان جو چڱو اقرار ڪيو ھو.


انھيءَ سبب ڪري آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون خدا جي انھيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منھنجي ھٿن رکڻ جي ڪري تو کي مليل آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan