Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:8 - Common Language New Testament

8 ساڳيءَ طرح خادمن کي بہ سنجيدو ھئڻ گھرجي. اھي ٻہ⁠چاپڙا، مئي جا عادي ۽ ناجائز نفعي جا لالچي نہ ھجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 انهي طرح جيڪي خادم (ڊيڪن) آهن، تن کي سنجيدو ٿيڻ گهرجي، اهي نہ ٻہ چاپڙا، نہ شرابي، نہ ناجائز نفعي جا لالچي هجن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 ساڳيءَ طرح منڊليءَ جا سيوڪ بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہ‌چاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 ساڳيءَ طرح ڪليسيا جا خدمتگار بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہ‌چاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:8
17 Iomraidhean Croise  

انھن جا وات کليل قبرن مثل آھن، يعني انھن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زھر وانگر آھن.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھن، پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي، جيڪو نگھبانن ۽ خادمن سميت فلپي شھر ۾ رھندڙ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل سڀني ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو.


خادمن کي رڳو ھڪ ھڪ زال جو مڙس ھئڻ کپي ۽ کين پنھنجن ٻارن ۽ پنھنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪرڻ گھرجي.


تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.


ھو شرابي نہ ھجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم ھجي. جھيڙو ڪندڙ يا پيسي جو لالچي نہ ھجي.


ھاڻي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر پنھنجي معدي ۽ اڪثر بيمار رھڻ جي ڪري ٿوري مئي استعمال ڪندو ڪر.


ڇالاءِ⁠جو نگھبان، جيڪو خدا جو خدمتگار آھي، سو بي⁠عيب ھئڻ گھرجي. ھو نہ ھٺيلو ھجي، نہ چيڙاڪ، نہ شرابي ھجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري ناجائز نفعي جو لالچي ھجي.


ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن.


سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.


خدا جو ڌڻ جيڪو اوھان جي سنڀال ھيٺ آھي، تنھن کي اوھين چاريو ۽ انھيءَ جي نگھباني ڪريو. ھي ڪم جيئن خدا چاھي ٿو، تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب. دل جي شوق سان ڪريو، نڪي پيسي جي لالچ تي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan