Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:2 - Common Language New Testament

2 تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 تنهنڪري ضروري آهي تہ سنڀاليندڙ تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ سکيا ڏيڻ جي لائق هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:2
20 Iomraidhean Croise  

ھو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ ھئا ۽ خدا جي سڀني حڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح بجاآوري ڪندا ھئا.


آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي


ايمان وارن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مھمان⁠نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


تہ جيئن اوھين بي⁠ڏوھي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ نرڄن ماڻھن جي ھن زماني ۾ خدا جا بي⁠عيب ٻار ٿي رھو. انھن جي وچ ۾ اوھين ائين ٿا چمڪو جيئن دنيا ۾ روشني،


خادمن کي رڳو ھڪ ھڪ زال جو مڙس ھئڻ کپي ۽ کين پنھنجن ٻارن ۽ پنھنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪرڻ گھرجي.


ساڳيءَ طرح خادمن کي بہ سنجيدو ھئڻ گھرجي. اھي ٻہ⁠چاپڙا، مئي جا عادي ۽ ناجائز نفعي جا لالچي نہ ھجن.


اھڙا ماڻھو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ ڪن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين. پر خدا اھي کاڌا انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آھن تہ جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انھن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.


ڪنھن ماڻھوءَ تي ھٿ رکڻ ۾ اُٻھرو نہ ٿيءُ ۽ نڪي ٻين جي گناھن ۾ شريڪ ٿيءُ. پاڻ کي پاڪ رک.


رنن⁠زالن جي ياداشت ۾ انھيءَ رن⁠زال جو نالو لکيو وڃي، جنھن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ ھجي ۽ جيڪا رڳو ھڪڙي مڙس جي زال ٿي رھي ھجي.


خداوند جي ٻانھي کي جھيڙو ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي ۽ بردبار ھجي.


پوڙھن مردن کي سمجھاءِ تہ اھي پرھيزگار، مانائتا ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين ۽ ايمان، محبت ۽ صبر تي قائم رھن.


مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.


ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.


سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.


بنا ڪرڪڻ جي ھڪ ٻئي جي مھمان⁠نوازي ڪريو.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan