Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:13 - Common Language New Testament

13 ڇالاءِ⁠جو جيڪي خادم چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آھي تنھن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو جيڪي خادمن جي عهدي جو ڪم چڱيءَ طرح ٿا ڪن، سي پنهنجي لاءِ چڱو درجو، ۽ جو ايمان مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ وڏي همت حاصل ٿا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

13 سو جيڪي سيوڪ چڱيءَ طرح سيوا ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو وشواس کين يسوع مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

13 سو جيڪي خدمتگار چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:13
17 Iomraidhean Croise  

ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“


تنھن تي ھن جي مالڪ چيو تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


تنھن تي ھن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر، جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار آھين، تنھنڪري ھاڻي تون ڏھن شھرن جو مالڪ آھين.‘


جڏھن پولس ڏاڪڻ وٽ پھتو تہ ماڻھن جي ايتري تہ ڌڪ⁠ڌڪان ھئي جو سپاھين کي پولس کڻي وڃڻو پيو.


تڏھن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا ھئا تن استيفنس ڏانھن چتائي نھاريو تہ کين سندس منھن ملائڪ جھڙو ڏسڻ ۾ آيو.


رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوء⁠س جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو.


استيفنس خدا جي فضل ۽ قدرت سان ڀرجي ماڻھن ۾ ڪيترائي وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو.


اوھان کي استفناس ۽ سندس گھر جي ڀاتين بابت خبر آھي تہ اھي اخيا پرڳڻي ۾ پھريان شخص آھن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. ھنن پاڻ کي خدا جي ماڻھن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي.


منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بي⁠خوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا.


اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بي⁠عزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي.


جيئن ھي ھدايتون تو ڏانھن لکي رھيو آھيان، تيئن اميد اٿم تہ جلد تو سان اچي ملندس.


تنھنڪري اي منھنجا فرزند! جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، تنھن جي وسيلي پختو ٿيءُ.


ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan