Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:11 - Common Language New Testament

11 ساڳئي نموني خدمتگار عورتن کي بہ سنجيدہ رھڻ گھرجي. اھي گلا ڪندڙ نہ، بلڪ پرھيزگار ۽ ھر ڳالھہ ۾ ڀروسي جھڙيون ھجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 ساڳئي نموني سيواداري ناريون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 ساڳئي نموني خدمتگار عورتون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:11
23 Iomraidhean Croise  

پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي آيو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي.


عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“


ھو ھر طرح جي بڇڙائي، بدي، لالچ، بدنيتي، ريس، خون، جھيڙي، ٺڳي ۽ ساڙ سان ڀرجي ويا. ھو چغلخور،


آءٌ، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي ۽ جنھن مون کي وفادار سمجھي پنھنجيءَ خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.


جن جا مالڪ ايمان وارا آھن سي انھن مالڪن کي حقير نہ سمجھن، ڇوجو اھي سندن ھم⁠ايمان آھن. ان جي بدران اھي مالڪن جي بھتر خدمت ڪن، ڇالاءِ⁠جو جن کي انھن جي خدمت جو فائدو ٿو ملي سي ايمان وارا ۽ سندن پيارا آھن. انھن ڳالھين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.


اھي محبت کان خالي، بي⁠رحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن ھوندا.


پر تون ھر حالت ۾ ھوشيار رھہ، سختي سھُہ، بشارت ڏيڻ جو ڪم ڪر ۽ پنھنجي خدمت پوري ڪر.


ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن.


انھن کي سمجھاءِ تہ ڪنھن جي بہ گلا غيبت نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم طبيعت جا ٿين ۽ سڀني ماڻھن سان پوري حليمائيءَ سان پيش اچن.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan