Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 2:2 - Common Language New Testament

2 خاص طرح بادشاھن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ آرام جي زندگي گذاريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 بادشاهن ۽ سڀني حاڪمن لاءِ بہ، تہ اسين نهايت دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ اطمينان جي حياتي گذاريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 خاص ڪري راجائن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ پرارٿنا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پوري ڌرمچاريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان سک ۽ شانتيءَ وارو جيون گذاريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 خاص ڪري بادشاهن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ سلامتيءَ واري زندگي گذاريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 2:2
22 Iomraidhean Croise  

ھو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ ھئا ۽ خدا جي سڀني حڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح بجاآوري ڪندا ھئا.


تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو،


انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“


تنھنڪري آءٌ ھميشہ اھا ڪوشش ڪندو رھندو آھيان تہ منھنجي دل خدا ۽ ماڻھن ڏانھن صاف رھي.


جيڪڏھن ٿي سگھي تہ اوھين پنھنجي وس آھر سڀني ماڻھن سان صلح ۾ رھو.


ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي⁠بہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون درست آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪي⁠بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو.


جھڙيءَ طرح اسان اوھان کي ٻڌايو آھي، تھڙيءَ طرح ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪريو.


سڀني ماڻھن سان صلح سان رھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انھيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنھن کانسواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan