Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:2 - Common Language New Testament

2 ھي تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان جي ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تيمٿيس ڏانهن جو ايمان جي ڪري منهنجو سچو فرزند آهي: خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جو فضل ۽ رحم ۽ اطمينان تو تي هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو وشواس رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو ايمان رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:2
18 Iomraidhean Croise  

ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي.


آءٌ، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي ۽ جنھن مون کي وفادار سمجھي پنھنجيءَ خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


اي منھنجا فرزند تيمٿيس! آءٌ تو کي اھو حڪم سپرد ٿو ڪريان تہ انھن اڳڪٿين موجب جيڪي اڳي تو بابت ڪيون ويون ھيون، تون چڱي جنگ وڙھندو رھہ ۽ ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


اي تيمٿيس! جيڪي ڪجھہ سنڀال لاءِ تو کي سونپيو ويو، تنھن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انھيءَ علم جي اختلافن کان پاسو ڪر، جنھن کي علم چوڻ ئي غلط آھي.


ھي منھنجي پياري فرزند تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.


تنھنڪري اي منھنجا فرزند! جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، تنھن جي وسيلي پختو ٿيءُ.


ھي خط طيطس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان ۾ شريڪ ھئڻ ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


پوڙھن مردن کي سمجھاءِ تہ اھي پرھيزگار، مانائتا ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين ۽ ايمان، محبت ۽ صبر تي قائم رھن.


جيڪي مون سان گڏ آھن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين. ايمان وارا جيڪي اسان سان محبت ٿا رکن، تن کي سلام ڏج. شل اوھان سڀني تي فضل ھجي.


خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.


شل اسان تي سچائيءَ ۽ پيار سان گڏ خدا پيءُ ۽ پيءُ جي فرزند عيسيٰ مسيح طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.


منھنجي لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانھي، جڏھن آءٌ ٻڌان تہ منھنجا ٻار سچ تي ھلي رھيا آھن.


شل اوھان تي رحم، سلامتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ھجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan