Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:10 - Common Language New Testament

10 اھا زناڪارن ۽ لونڊي⁠بازن لاءِ، انسانن جو اغوا ڪندڙن لاءِ، ڪوڙن لاءِ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آھي. انھن کان سواءِ جيڪي صحيح تعليم جي برخلاف آھن، اھا تن لاءِ آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 زناڪارن ۽ لونڊي بازن ۽ بردہ فروشن لاءِ، ڪوڙن ماڻهن ۽ ڪوڙن قسمن کڻڻ وارن لاءِ، ۽ انهن کانسواءِ صحيح تعليم جي برخلاف ٻيا جيڪي ڪم آهن، تن جي ڪرڻ وارن لاءِ مقرر ٿي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 اهو زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح سکيا جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:10
34 Iomraidhean Croise  

اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


تنھنڪري خدا انھن کي سندن گندين خواھشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ⁠جو انھن جي زالن پنھنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪئي.


جيڪڏھن تون ايمان وارن کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ٿيندين. انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڳالھين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون ھلندو رھيو آھين.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالھين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي،


جيڪي صحيح ڳالھيون تو مون کان ٻڌيون، تن جو نمونو انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪو مسيح جو ھئڻ ڪري تو کي آھي.


ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا.


اھا شاھدي سچي آھي، تنھنڪري انھن کي سختيءَ سان ملامت ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿئي،


ھن کي گھرجي تہ انھيءَ ڀروسي جھڙي ڪلام تي قائم رھي، جيڪو کيس سيکاريو ويو آھي. اھڙيءَ طرح ھو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ٿو ۽ مخالفن کي قائل بہ ڪري سگھي ٿو.


سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.


ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آس⁠پاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين.


دالچيني، مصالحا، خوشبوءِ، عطر، لوبان، مئي، تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ انسانن جون جانيون ۽ ساھہ.


پر انھيءَ شھر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جھڙو ڪم ڪندڙ ھرگز داخل ٿي نہ سگھندو ۽ رڳو اھي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو گھيٽي جو آھي.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan