Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 5:6 - Common Language New Testament

6 تنھنڪري اسين ٻين وانگر سمھي نہ رھون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ ھوشيار رھون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تنهنڪري ٻين وانگر اسان کي سمهي رهڻ نہ کپي، پر اچو تہ جاڳون ۽ هوشيار رهون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6-7 ڇاڪاڻ تہ ماڻهو رات جو ئي سمهن ٿا ۽ رات جو ئي مئي پي نشي ۾ چور ٿا ٿين. سو اسين انهن رات وارن وانگر سمهي نہ رهون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ هوشيار رهون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6-7 ڇاڪاڻ تہ ماڻهو رات جو ئي سمهن ٿا ۽ رات جو ئي مئي پي نشي ۾ چور ٿا ٿين. سو اسين انهن رات وارن وانگر سمهي نہ رهون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ هوشيار رهون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 5:6
40 Iomraidhean Croise  

پر ھڪڙيءَ رات جڏھن سڀ ماڻھو ستا پيا ھئا تہ ھن جو ھڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي ھليو ويو.


تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو.


تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“


گھوٽ کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي تنھنڪري ڇوڪرين کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ اھي سمھي پيون.


ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رھو.“


جيڪي آءٌ اوھان کي چوان ٿو سو سڀني کي چوان ٿو تہ سجاڳ رھجو.“


سڀاڳا آھن اھي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ ھو کين کارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيھندو ۽ پنھنجي سر پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


پر اھو ياد رکو تہ جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور ڪيڏيءَ مھل سندس گھر کي کاٽ ھڻندو تہ ھو جيڪر جاڳندو رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ھا.


ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابن⁠آدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“


ھن انھن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ستا پيا آھيو؟ اٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو.“


تنھنڪري اوھين سجاڳ رھجو ۽ ياد رکجو تہ پورا ٽي سال مون رات ڏينھن ڳوڙھا ڳاڙي ھر ھڪ کي سمجھايو آھي.


نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.


سجاڳ رھو، ايمان تي قائم رھو، ھمت ڌاريو، مضبوط رھو.


ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.


ڇالاءِ⁠جو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“


پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.


اوھان جي بردباري سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿئي. خداوند ويجھو آھي.


دعا ۾ مشغول رھو ۽ شڪرگذاريءَ سان انھيءَ ۾ ھوشيار رھو.


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين نہ ٿا چاھيون تہ جيڪي مري ويا آھن تن بابت اوھين بي⁠خبر رھو، يا انھن وانگر غمگين ٿيو جن کي اميد ئي ڪانھي.


ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.


پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون.


تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي.


ساڳيءَ طرح عورتن کي گھرجي تہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي، لڄ ۽ پرھيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پھرڻ سان.


ساڳئي نموني خدمتگار عورتن کي بہ سنجيدہ رھڻ گھرجي. اھي گلا ڪندڙ نہ، بلڪ پرھيزگار ۽ ھر ڳالھہ ۾ ڀروسي جھڙيون ھجن.


تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.


پر تون ھر حالت ۾ ھوشيار رھہ، سختي سھُہ، بشارت ڏيڻ جو ڪم ڪر ۽ پنھنجي خدمت پوري ڪر.


اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


ساڳي ئي طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اھي پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين.


تنھنڪري سمجھہ جو سندرو ٻڌي ھوشيار ٿيو ۽ جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت اوھان تي ٿيندو، تنھن جي پوريءَ طرح اميد رکو.


سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آھي. سڀاڳو آھي اھو جيڪو سجاڳ ٿو رھي ۽ پنھنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻھو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.


اوھين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي شيون اوھان وٽ باقي آھن تن کي سوگھو جھليو، ڇالاءِ⁠جو اھي ناس ٿيڻ تي آھن. مون اوھان جي ڪنھن بہ ڪم کي پنھنجي خدا جي آڏو پورو ٿيل نہ ڏٺو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan