Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 4:9 - Common Language New Testament

9 ھاڻي ڀائرن واري محبت بابت اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جي تعليم اوھان پاڻ خدا کان حاصل ڪئي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 پر ڀائرن جي محبت بابت اوهان ڏانهن ڪجهہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇالاءِ جو اوهان کي هڪٻئي کي پيار ڪرڻ جي تعليم خدا کان ملي آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ ايشور پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ خدا پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 4:9
30 Iomraidhean Croise  

ٻيو حڪم بہ انھيءَ جھڙو آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.


ايمان وارن جي سڄي ٽولي دل ⁠وَ جان سان گڏ ھئي ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”ھيءَ شيءِ منھنجي آھي،“ پر ھو سڀني شين ۾ ھڪجھڙا ڀائيوار ھئا.


ھڪ ٻئي سان ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر گھڻو پيار ڪريو ۽ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.


ايمان وارن لاءِ جيڪا خدمت ڪجي ٿي، تنھن بابت مون کي اوھان ڏانھن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آھي.


تنھنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آھن، تن کي اھو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھان جو ڪو ٻيو خيال ھجي تہ خدا انھيءَ کي بہ اوھان تي ظاھر ڪندو.


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي وقتن ۽ زمانن جي باري ۾ اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي.


”خداوند فرمائي ٿو تہ ’ھي اھو عھد آھي، جيڪو انھن ڏينھن کان پوءِ آءٌ ھنن سان ڪندس. آءٌ پنھنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس، ۽ سندن ذھنن تي اھي نقش ڪندس.‘“


ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.


مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو.


سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھڪ ٻئي سان گھڻي محبت رکو، ڇالاءِ⁠جو محبت گھڻن ئي گناھن کي ڍڪي ٿي ڇڏي.


اوھين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو.


جيڪو پنھنجي ھم⁠ايمان سان پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رھي ۽ ھن ۾ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا کيس گمراھہ ڪري.


جيڪو پيغام اوھان شروعات کان ٻڌو آھي، سو ھي آھي تہ اسان کي ھڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.


ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.


جڏھن تہ مسيح جو اھو حڪم آھي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري تنھن کي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪرڻ گھرجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan