Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 4:10 - Common Language New Testament

10 سچ⁠پچ تہ اوھين پوري مڪدونيا جي سڀني ايمان وارن سان محبت ڪريو بہ ٿا. تڏھن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 جيئن ڪ سچ پچ مڪدونيہ جي سڀني ڀائرن سان اوهين ڪريو بہ ٿا. پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ اڃا بہ وڌندا وڃو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 اهو پيار اوهين سچ پچ پوري مڪدُنيا صوبي جي سڀني وشواسين سان بہ ڪريو ٿا. تڏهن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 اهو پيار اوهين سچ پچ پوري مڪدُنيا صوبي جي سڀني ايمان وارن سان بہ ڪريو ٿا. تڏهن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 4:10
14 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا ۽ اخيا وارن ڀائرن جي مرضي آھي تہ ھو يروشلم جي ايمان وارن ۾ جيڪي غريب آھن تن لاءِ چندو موڪلين.


تنھنڪري ئي اوھان جو عيسيٰ مسيح تي ايمان ۽ خدا جي سڄي قوم لاءِ محبت جيڪا ظاھر ڪريو ٿا، تن بابت ٻڌي


آءٌ ھيءَ دعا ٿو گھران تہ علم ۽ ھر طرح جي سمجھہ سان گڏ اوھان جي محبت بہ گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي،


ڇالاءِ⁠جو اسان ٻڌو آھي تہ اوھان عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آھي ۽ خدا جي سڄي قوم سان محبت ٿا رکو.


ايتري قدر جو اوھين مڪدونيا ۽ اخيا پرڳڻن جي سڀني ايمان آڻيندڙن لاءِ نمونو ٿيا.


جھڙيءَ طرح اسان کي اوھان سان محبت آھي، تھڙيءَ طرح خداوند شل اوھان جي محبت بہ ھڪ ٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي ڪري ۽ بيحد وڌائي.


مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


خداوند جا ھئڻ ڪري اسان کي اوھان بابت اھو يقين آھي تہ جيڪي حڪم اسين اوھان کي ڏيون ٿا، تن تي اوھين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رھندا.


پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan