Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 3:6 - Common Language New Testament

6 پر ھاڻي تيمٿيس اوھان وٽان ٿي واپس آيو ۽ اوھان جي ايمان ۽ محبت جي باري ۾ سٺي خبر ڏنائين. ھن اسان کي ٻڌايو آھي تہ اوھين اسان کي ھميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جھڙيءَ طرح اسان کي بہ اوھان جي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 پر جڏهن هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي اسان وٽ آيو، ۽ اوهان جي ايمان ۽ محبت جي چڱي خبر اسان کي ڏنائين، ۽ هيئن بہ چيائين تہ اوهين هميشہ اسان کي ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گهڻي سڪ اٿوَ، جيئن ڪ اسان کي بہ اوهان جي آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي وشواس ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي ايمان ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 3:6
24 Iomraidhean Croise  

پولس دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانھن بہ ويو. اتي تيمٿيس نالي ھڪڙو شاگرد رھندو ھو، جنھن جي ماءُ يھودڻ ھئي ۽ ايمان آندو ھئائين. پر تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.


انھن ڳالھين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس ۾ اچي پھتو.


جڏھن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيا مان اچي پھتا تہ پولس ڪلام جي تبليغ ۾ ڏاڍو مشغول ھو. ھن يھودين کي انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


آءٌ اوھان جي ساراھہ انھيءَ لاءِ ٿو ڪريان جو اوھين سڀني ڳالھين ۾ مون کي ياد ڪندا آھيو ۽ جيڪي نصيحتون مون اوھان کي ڪيون آھن تن کي قائم رکندا ٿا اچو.


مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اھي ٽيئي قائم آھن. پر انھن ٽنھي ۾، محبت اتم آھي.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


ڇالاءِ⁠جو اسان ٻڌو آھي تہ اوھان عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آھي ۽ خدا جي سڄي قوم سان محبت ٿا رکو.


آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.


اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ اوھان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏھن ڏاڍي سڪ سان اوھان جي منھن ڏسڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي سون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي اسان جي محنت ۽ مشقت ضرور ياد ھوندي، ڇالاءِ⁠جو اسان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيڻ لاءِ رات ڏينھن پورھيو ڪري اوھان کي خدا جي خوشخبري ٻڌائي.


تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنھنجي گھڻي تنگيءَ ۽ مصيبت ۾ بہ اوھان جي ايمان جي ڪري اوھان بابت تسلي ٿي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.


جنھن خدا جي عبادت منھنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انھيءَ جي عبادت صاف⁠دليءَ سان ڪندي ۽ پنھنجين دعائن ۾ رات ڏينھن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ تنھنجي باري ۾ ٻڌندو آھيان تہ تون خداوند عيسيٰ سان محبت ڪرين ٿو ۽ مٿس ايمان رکين ٿو ۽ سڀني ايمان وارن سان بہ محبت ڪرين ٿو.


قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا.


اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو.


ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan