Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 3:3 - Common Language New Testament

3 اسين نہ ٿا چاھيون تہ انھن مصيبتن جي ڪري ڪنھن جي دل ھارجي، ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين انھن لاءِ ئي مقرر ٿيا آھيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تان تہ انهن مصيبتن جي ڪري ڪنهن جي بہ دل هارجي نہ وڃي، جو اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين انهيءَ جي لاءِ مقرر ٿيا آهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 تہ جيئن انهيءَ ستائجڻ سان اوهان مان ڪو گھٻرائجي نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين وشواسي ستائجڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 تہ جيئن انهيءَ ستائجڻ سان اوهان مان ڪو گھٻرائجي نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين ايمان وارا ستائجڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 3:3
29 Iomraidhean Croise  

پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادت⁠خانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.


ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“


انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“


ڇوتہ دائود ھن بابت چيو آھي تہ ’مون خداوند کي ھر وقت پنھنجي اڳيان ڏٺو، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي ساڄي پاسي آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن آءٌ نہ گھٻرايان.


ھن اسان وٽ اچي پولس جو ڪمربند کنيو ۽ پنھنجا ھٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آھي تہ جنھن جو ھي ڪمربند آھي، تنھن کي يروشلم ۾ يھودي ھھڙي نموني ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“


پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“


آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“


نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو.


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


منھنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان ھيٺاھون ڪري انھن ماڻھن وانگر پيش ڪيو آھي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو ھجي. اسين جھان، فرشتن ۽ ماڻھن لاءِ ھڪ تماشو بڻايا ويا آھيون.


تنھنڪري آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوھان جي خاطر سھان ٿو تن جي ڪري بي⁠ھمت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي اوھان لاءِ فائدي جو باعث آھن.


پنھنجن مخالفن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ نہ ڊڄو. اھا ڳالھہ ھنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آھي، پر اوھان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي ۽ اھو خدا جي طرفان آھي.


بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.


ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.


تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي.


تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.


انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِ⁠قدم تي ھلندا رھو.


جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan