Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 2:8 - Common Language New Testament

8 انھيءَ طرح اسان کي اوھان سان ايتري محبت ھئي جو نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ پر اوھان جي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بہ راضي ھئاسين، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين اسان کي ايڏا پيارا ٿي لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 انهيءَ طرح اسان کي اوهان لاءِ ايڏي تہ پريت هئي جو اسان اوهان کي نہ رڳو ايشور جي خوشخبري ٻڌائي، بلڪ پنهنجي جان بہ اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ تہ اوهين اسان جا ڏاڍا پيارا ٿي ويا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ طرح اسان کي اوهان لاءِ ايڏي تہ چاهت هئي جو اسان اوهان کي نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائي، بلڪ پنهنجي جان بہ اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ تہ اوهين اسان جا ڏاڍا پيارا ٿي ويا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 2:8
23 Iomraidhean Croise  

جتي ھڪڙي فوجي صوبيدار جو نوڪر بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. نوڪر ھن کي ڏاڍو پيارو ھو.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي دلي خواھش آھي تہ شل بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انھيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آھيان.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ايندس تہ مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.


تنھنڪري آءٌ اوھان جي روحاني فائدي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان سڀ ڪجھہ خرچ ڪندس، بلڪ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جڏھن تہ آءٌ اوھان کي گھڻو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ اوھين ڪو مون کي گھٽ پيار ڪندا ڇا؟


اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو.


اي منھنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوھان جي لاءِ وري ٻار ڄڻيندڙ عورت وانگر سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوھين پوريءَ طرح مسيح جھڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.


خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


پر جيڪڏھن اوھان جي ايمان واري خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنھنجو رت بہ وھائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آھيان ۽ اوھان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.


مون وٽ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ھم⁠خيال ماڻھو ڪونھي، جنھن کي سچ⁠پچ اوھان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي ھجي.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين، جن جو آءٌ مشتاق آھيان ۽ جيڪي منھنجي خوشي ۽ تاج آھيو، سي اي عزيزو! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري انھيءَ طرح ئي قائم رھو.


اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون.


انھيءَ جي تعليم اوھان اسان جي پياري ھم⁠خدمت اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان جي پاران مسيح جو وفادار خادم آھي.


اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل پولس ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي خط تو، فليمون اسان جي پياري دوست ۽ گڏجي ڪم ڪندڙ ڏانھن،


اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.


انھيءَ مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آھي تہ مسيح اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏني ۽ اسان تي بہ واجب آھي تہ پنھنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan