Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 2:4 - Common Language New Testament

4 بلڪ جيئن خدا اسان کي قبول ڪري خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻھن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي آزمائي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 پر جيئن خدا اسان کي قبول ڪري، خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن اسين بہ بيان ٿا ڪريون؛ نہ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پر خدا کي، جو اسان جي دلين جو آزمائڻ وارو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 ان جي ابتڙ ايشور اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو سنديش جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر ايشور کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 ان جي ابتڙ خدا اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو پيغام جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 2:4
38 Iomraidhean Croise  

خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اوھان مان ڪير ايماندار ۽ سياڻو نوڪر آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجن نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي وقت تي کاڌو پاڻي پھچائي؟


جيڪڏھن اوھين ھن ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ جي استعمال ۾ ايماندار نہ آھيو تہ سچيءَ دولت جو اوھان تي ڪير اعتبار ڪندو؟


وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.


خدا دلين جو مالڪ آھي، سو ھو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح جو ارادو ڪھڙو آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح خدا جي مرضيءَ موجب سندس قوم جي شفاعت ٿو ڪري.


ڪنوارپڻي بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونھي، پر خدا جي رحم سان ھڪ معتبر ماڻھوءَ وانگر آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان.


سو جيڪڏھن آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان ائين ڪريان تہ انھيءَ جو اجورو مون کي ملندو. پر جيئن تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ٿو ڪريان، تہ پوءِ ڄڻ تہ اھا ھڪ ذميواري آھي جا مون کي سونپي ويئي آھي.


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


بلڪ اسان بي⁠شرميءَ واريون ۽ لڪل ڳالھيون ڇڏي ڏنيون آھن. اسين ٺڳيءَ سان نہ ٿا ھلون ۽ نڪي خدا جي ڪلام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو ھر ھڪ ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو.


تنھنڪري ھن کان پوءِ اسين ڪنھن کي بہ جسماني طور نہ ٿا سڃاڻون. جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور ڄاتو ھو، پر ھاڻي اسين ھن کي ائين نہ ٿا سڃاڻون.


ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.


ان جي برعڪس انھن ڏٺو تہ خدا غير يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي، جيئن ھن يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم پطرس جي حوالي ڪيو ھو.


جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،


ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاھري ڏيکاءَ لاءِ خدمت نہ ڪريو، پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو.


اي غلامؤ! پنھنجي دنياوي مالڪن جا ھر ڳالھہ ۾ فرمانبردار رھو. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ڏيکاءَ لاءِ نہ، پر صاف⁠دليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.


اي تيمٿيس! جيڪي ڪجھہ سنڀال لاءِ تو کي سونپيو ويو، تنھن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انھيءَ علم جي اختلافن کان پاسو ڪر، جنھن کي علم چوڻ ئي غلط آھي.


جيڪي چڱيون ڳالھيون تو کي سونپيون ويون آھن تن جي حفاظت ڪر. ھا، انھن جي حفاظت پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رھي ٿو.


جيڪي ڳالھيون تو گھڻن شاھدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آھن، سي اھڙن ڀروسي وارن ماڻھن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق ھجن.


سو ھن مناسب وقت تي پنھنجي ڪلام کي انھيءَ تبليغ جي وسيلي ظاھر ڪيو، جيڪا اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي حڪم سان منھنجي حوالي ڪئي ويئي.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan