Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 2:2 - Common Language New Testament

2 اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بي⁠عزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان جو اپمان ڪيو ويو. پر ايشور اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان کي بي‌عزت ڪيو ويو. پر خدا اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 2:2
27 Iomraidhean Croise  

رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو.


پوءِ غير قوم وارن ۽ يھودين پنھنجي اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ ھو رسولن سان بدسلوڪي ڪندا ۽ کين سنگسار ڪندا.


اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين.


پر جڏھن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏھن ھنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين رومي عملدارن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ شھر جي چونڪ تي گھلي وٺي ويا.


پر پولس سپاھين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آھيون، تن کي ھنن بنا ڪنھن ڏوھہ جي عام خلق جي اڳيان چھبڪ ھڻائي جيل ۾ وڌو آھي ۽ ھاڻي ھو چپ⁠چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائين؟ ائين ڪڏھن بہ نہ ٿيندو. ڀلي تہ اھي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاھر وٺي ھلن.“


ھاڻي ھو امفپلس ۽ اپلونيا مان لنگھي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يھودي عبادت⁠خانو ھو.


تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو.


پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.


اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.


ڇالاءِ⁠جو اھو ناممڪن آھي تہ اسين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آھن.“


جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بي⁠ڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.


تنھنڪري اسين اھڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان ڳالھايون ٿا.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين.


انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


پيارا دوستو! مون کي اوھان ڏانھن انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ جو تمام گھڻو چاھہ ھو، جنھن ۾ اسان سڀ شريڪ آھيون. سو مون اھو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوھان کي ھمتايان تہ انھيءَ ايمان لاءِ سخت مقابلو ڪريو، جيڪو خدا ھميشہ لاءِ پنھنجي قوم کي ڏيئي ڇڏيو آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan