Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 1:9 - Common Language New Testament

9 ڇالاءِ⁠جو اھي ماڻھو پاڻ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اھي ٻڌائين ٿا تہ ڪيئن اوھان بتن کي ڇڏي خدا ڏانھن ڦريا، تہ جيئن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوجا کي ڇڏي ايشور ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين جيوت ۽ سچي ايشور جي ڀڳتي ڪريو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوڄا کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين زندہ ۽ سچي خدا جي عبادت ڪريو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 1:9
30 Iomraidhean Croise  

تنھن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آھين.“


”اي انسانو! اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوھان جھڙا فاني انسان آھيون. اسين تہ اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آھيون تہ اوھين ھنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انھيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجھن آھي سو پيدا ڪيو آھي.


”جنھن جاءِ تي انھن کي ائين چيو ويو تہ ’اوھين منھنجي قوم نہ آھيو،‘ انھيءَ ساڳي جاءِ تي ئي اھي زندہ خدا جا فرزند سڏبا.“


اوھان کي خبر آھي تہ جڏھن اوھين ڪفر ۾ ھئا، تڏھن اوھان کي ڪنھن نہ ڪنھن نموني گمراھہ ڪري گونگن بتن ڏانھن نيو ويندو ھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوھان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو.


انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو.


انھيءَ لاءِ ئي اسين محنت ۽ جانفشاني ٿا ڪريون، جو اسان جي اميد انھيءَ جيئري خدا تي رکيل آھي جيڪو سڀني ماڻھن، خاص ڪري ايمان آڻڻ وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.


پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.


پيارا ٻارؤ! بتن يعني ڪوڙن معبودن کان پاڻ کي بچائجو.


انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan