Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 1:6 - Common Language New Testament

6 اوھين اسان وانگر ھليا ۽ خداوند جا پيروي ڪندڙ ٿي ويا، ڇوتہ گھڻي مصيبت جي ھوندي بہ اوھان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ اوهان پاڪ روح جي خوشيءَ سان گهڻيءَ مصيبت ۾ ڪلام قبول ڪري، اسان وانگر هلي، خداوند جي پيروي ڪئي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 اوهين اسان جي ۽ پرڀو يسوع جي نقشِ‌قدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پوِتر آتما جي مليل خوشيءَ سان ايشور جو سنديش قبول ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 اوهين اسان جي ۽ خداوند عيسيٰ جي نقشِ‌قدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو پيغام قبول ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 1:6
33 Iomraidhean Croise  

پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھري تہ ھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.


عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“


تنھن ھوندي بہ انتاڪيا جا شاگرد خوشيءَ ۽ پاڪ روح سان ڀرجندا رھيا.


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.


انھيءَ کان پوءِ سڄي يھوديہ، گليل ۽ سامريہ جي ڪليسيائن کي امن حاصل ٿيو. اھي قائم ٿينديون ويون ۽ خداوند جي خوف ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌنديون ويون.


شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.


اوھين منھنجي پيروي ڪريو، جيئن آءٌ مسيح جي پيروي ڪريان ٿو.


آءٌ اوھان جي ساراھہ انھيءَ لاءِ ٿو ڪريان جو اوھين سڀني ڳالھين ۾ مون کي ياد ڪندا آھيو ۽ جيڪي نصيحتون مون اوھان کي ڪيون آھن تن کي قائم رکندا ٿا اچو.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين بہ مون جھڙي ھلت ڪريو.


اسين ڏک تہ سھون ٿا، پر تڏھن بہ ھميشہ خوش ٿا رھون. غريب سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ گھڻن کي شاھوڪار ٿا ڪريون. سڃا⁠سکڻا آھيون تڏھن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آھي.


انھن نہ رڳو اسان جي اميد آھر ڏنو، بلڪ پنھنجو پاڻ کي پھريائين خداوند جي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان جي حوالي ڪيائون.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين سڀيئي گڏجي مون وانگر ھلو ۽ انھن ماڻھن کي ڌيان ۾ رکو، جيڪي اھڙي نموني ٿا ھلن جھڙو اسان اوھان کي ڏنو آھي.


تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي.


اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گھرجي. ڇالاءِ⁠جو اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.


اسان ائين انھيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان کي اھڙي مدد وٺڻ جو حق نہ ھو، بلڪ انھيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوھان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوھين اسان جي پيروي ڪريو.


ڪلام جي تبليغ ڪر ۽ وقت بي⁠وقت انھيءَ جي لاءِ تيار رھہ. پوري صبر ۽ سکيا سان ماڻھن کي سمجھاءِ، ملامت ڪر ۽ کين نصيحت ڪر.


جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.


انھن ڳالھين جي ڪري اوھين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ھاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي ڪري اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئي ڏکي ٿيا آھيو.


جيتوڻيڪ اوھان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي، تڏھن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوھين ھاڻي بہ کيس نہ ٿا ڏسو، تڏھن بہ مٿس ايمان ٿا آڻيو ۽ ايتري تہ عظيم خوشيءَ سان ڀرپور آھيو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي،


جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آھيو تہ ڪير اوھان کي ڏکوئيندو؟


پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، بلڪ چڱائيءَ جي پيروي ڪر. جيڪو نيڪي ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنھن خدا کي ڪڏھن بہ نہ ڄاتو آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan