Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 1:3 - Common Language New Testament

3 اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 هائو، اوهان جي وشواس واري عمل، پريم ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي ايشور پتا جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 1:3
55 Iomraidhean Croise  

”جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ مون سان پيار ڪريو ٿا، تہ اوھين منھنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.


۽ چيائين تہ ’اي ڪرنيليس! خدا تنھنجون دعائون ٻڌيون آھن ۽ تنھنجون خيراتون قبول پيون آھن.


تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،


اميد ۾ خوش رھو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ ھميشہ مشغول رھو.


شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.


ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ ڳالھيون اڳي لکيون ويون آھن سي اسان جي سيکارڻ لاءِ لکيون ويون آھن، تہ جيئن صبر ۽ تسلي، جيڪا اسان کي پاڪ لکت جي وسيلي ملي آھي تنھن مان اميد حاصل ٿئي.


مريم کي منھنجا سلام ڏجو، جنھن اوھان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آھي.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اھي ٽيئي قائم آھن. پر انھن ٽنھي ۾، محبت اتم آھي.


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آھيو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي جسماني خواھشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ محبت جي رستي ھڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ھمت نہ ھارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاھينداسين.


پر ھاڻي تيمٿيس اوھان وٽان ٿي واپس آيو ۽ اوھان جي ايمان ۽ محبت جي باري ۾ سٺي خبر ڏنائين. ھن اسان کي ٻڌايو آھي تہ اوھين اسان کي ھميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جھڙيءَ طرح اسان کي بہ اوھان جي آھي.


انھيءَ ڪري اسين ھميشہ اوھان لاءِ دعا گھرندا رھندا آھيون، تہ شل اسان جو خدا اوھان کي پنھنجي ڪوٺ جي لائق ڄاڻي. شل ھو پنھنجي قدرت سان اوھان جي ھر نيڪ خواھش ۽ ايمان واري ڪم کي پورو ڪري.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.


اھا ڳالھہ چڱي ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ وڻندڙ آھي.


اوھان کي صبر ڪرڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوھين اھو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنھن جو ھن واعدو ڪيو آھي. جيئن لکيل آھي تہ


ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


تنھنڪري اچو تہ اسين انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي تہ ڪو انھن وانگر نافرمانيءَ جي ڪري گمراھہ ٿئي.


اھڙيءَ طرح ابراھيم صبر ڪري اھا واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.


ان جي بدران اوھان جي باطني انسانيت، حليم ۽ غريب طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل ھجي. خدا جي نظر ۾ انھيءَ جو وڏو قدر آھي.


اي پيارا ٻارؤ! اسان کي رڳو ڳالھين ۽ زبان سان نہ، پر عمل ۽ سچائيءَ جي وسيلي بہ پيار ڪرڻ گھرجي.


اي پيارا عزيزو! جيڪڏھن اسان جون دليون اسان کي ملامت نہ ٿيون ڪن، تہ پوءِ خدا جي آڏو اسين ھمت ڪري سگھون ٿا.


جنھن کي بہ مسيح ۾ اھڙي اميد آھي، سو پاڻ کي اھڙو پاڪ ڪري جھڙو مسيح پاڪ آھي.


خدا سان پيار ڪرڻ، معنيٰ اسان جو سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ آھي ۽ ھن جا حڪم ڏکيا نہ آھن.


سو چوي ٿو تہ مون کي اوھان جي ڪمن، اوھان جي پيار ۽ ايمان، خدمت ۽ صبر جي خبر آھي. آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جا پويان ڪم پھرين کان وڌيڪ آھن.


جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan