Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 1:2 - Common Language New Testament

2 اسين ھميشہ اوھان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد پيا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ ايشور جو شڪر ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا ادا ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 1:2
10 Iomraidhean Croise  

خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي.


آءٌ اوھان لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪندو رھان ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان تي فضل ڪيو آھي،


اسين جڏھن بہ اوھان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏھن ھميشہ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي پيءُ، يعني خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون.


انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو.


اسان کي پنھنجي خدا جي آڏو اوھان جي ڪري ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آھي. انھيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪھڙيءَ طرح اوھان لاءِ خدا جي شڪرگذاري ادا ڪريون؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


جڏھن بہ آءٌ دعا ٿو گھران، تڏھن تو کي ياد ٿو رکان ۽ ھميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan