Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 4:8 - Common Language New Testament

8 سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھڪ ٻئي سان گھڻي محبت رکو، ڇالاءِ⁠جو محبت گھڻن ئي گناھن کي ڍڪي ٿي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هڪٻئي سان گهڻي محبت رکو؛ ڇالاءِ جو محبت گهڻا ئي گناهہ ڍڪيو ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 4:8
17 Iomraidhean Croise  

جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالھايان ٿو، پر مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان.


محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مھربان آھي، محبت حسد نہ ٿي ڪري. محبت پاڻ کي نہ ٿي پڏائي ۽ پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون نہ ٿي ھڻي.


انھن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌو، جيڪا انھن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.


جھڙيءَ طرح اسان کي اوھان سان محبت آھي، تھڙيءَ طرح خداوند شل اوھان جي محبت بہ ھڪ ٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي ڪري ۽ بيحد وڌائي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.


ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان پھرين ڳالھہ ھيءَ آھي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوھان کي ”ھائو“ جي جاءِ تي ”ھائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوھين سزا ھيٺ نہ اچو.


تڏھن اوھين ڄاڻي ڇڏيو تہ اھو جيڪو ڪنھن گنھگار کي گمراھيءَ کان ڦيرائي راھہ تي ٿو آڻي، سو انھيءَ جي روح کي موت کان بچائيندو ۽ گھڻا گناھہ ڍڪي ڇڏيندس.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


اي پيارا! منھنجي اھا دعا آھي تہ شل تون ائين خوشحال ۽ تندرست ھجين، جيئن تنھنجو روح آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan