Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 4:6 - Common Language New Testament

6 انھيءَ ئي مطلب لاءِ مئلن کي بہ خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي تہ انھن جو جسماني طور تہ ماڻھن وانگر انصاف ٿئي، پر روحاني طور اھي خدا وانگر جيئرا رھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 انهي ئي مطلب لاءِ مُئلن کي بہ خوشخبري ٻُڌائي ويئي تہ انهن جو انصاف ماڻهن وانگر جسماني طور ٿئي، ۽ اُهي خدا ۾ روحاني طور رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 مئلن جي عدالت انهيءَ ڪري جو جڏهن اهي جيوت هئا، تڏهن انهن کي بہ مسيح بابت خوشخبري انهيءَ مقصد لاءِ ٻڌائي ويئي هئي تہ جيئن آتمڪ طور اهي ايشور آڏو جيوت رهن، جيتوڻيڪ هن پاپي سنسار ۾ سندن جيوت ئي ماڻهن طرفان عدالت ڪئي ويئي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 مئلن جي عدالت انهيءَ ڪري جو جڏهن اهي جيئرا هئا، تڏهن انهن کي بہ مسيح بابت خوشخبري انهيءَ مقصد لاءِ ٻڌائي ويئي هئي تہ جيئن روحاني طور اهي خدا آڏو جيئرا رهن، جيتوڻيڪ هن گنهگار دنيا ۾ سندن جيئري ئي ماڻهن طرفان عدالت ڪئي ويئي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 4:6
14 Iomraidhean Croise  

پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.


ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.


سو آءٌ شريعت جي وسيلي مري ويس، تنھنڪري شريعت جي بنسبت آءٌ مئل آھيان، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي لاءِ جيئرو رھان.


جڏھن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آھيون، تڏھن اسان کي ھلڻ بہ پاڪ روح جي ھدايتن موجب کپي.


انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.


تنھنڪري مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري اوھان جي گناھن جي ڪري مئو يعني سچار گنھگارن لاءِ، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي خدا تائين پھچائي. ھو جسم جي اعتبار کان تہ ماريو ويو، پر روح جي اعتبار کان جيئرو ڪيو ويو.


انھيءَ روح واري حالت ۾ بہ ھن وڃي انھن روحن وٽ تبليغ ڪئي جيڪي قيد ۾ پيا ھئا.


پوءِ ھڪڙو ٻيو بہ ملائڪ قربان⁠گاھہ مان نڪتو، جنھن کي باھہ تي اختيار ھو. ھن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنھنجو تکو ڏاٽو ھلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر، ڇالاءِ⁠جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آھي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan