Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 4:12 - Common Language New Testament

12 اي پيارا دوستو! مصيبت جي باھہ جيڪا اوھان جي آزمائش لاءِ اوھان تي آئي آھي، تنھن بابت تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالھہ اوھان تي اچي پيئي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 اي پيارو، مصيبت جي باهہ جا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي آئي آهي، تنهن بابت تعجب نہ ڪريو، تہ ڄڻ جا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 اي پريميؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا انوکي ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 اي عزيزؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 4:12
11 Iomraidhean Croise  

اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.


تہ سندس ڪم ظاھر ٿي پوندو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڪم کي آخرت جو ڏينھن پڌرو ڪندو. اھو ڏينھن باھہ سان ظاھر ٿيندو ۽ اھا باھہ ھر ڪنھن جو ڪم پرکيندي تہ ڪھڙي قسم جو آھي.


سچ⁠پچ تہ جيڪي⁠بہ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي دينداريءَ سان زندگي گذارڻ چاھين ٿا، سي ستايا ويندا.


اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.


انھن کي عجب ٿو لڳي تہ ھاڻي اوھين سندن اھڙي سخت بدچاليءَ جي ڊوڙ ۾ ساڻن شامل ڇو نہ ٿا ٿيو، تنھنڪري ھو اوھان جي گلا ٿا ڪن.


اوھين ايمان تي قائم رھي سندس مقابلو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جا ڀائر جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آھن، سي بہ اھڙن ئي ڏکن ۾ پيا گذارين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan