Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 4:11 - Common Language New Testament

11 جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو خدا جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. شل سندس عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 4:11
47 Iomraidhean Croise  

اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


يھوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھاڻي ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيو آھي ۽ خدا جو جلوو بہ ھن جي معرفت ظاھر ٿيو.


ھي اھو ئي آھي، جيڪو ان وقت اتي ھو جڏھن سڀيئي بني اسرائيل بيابان ۾ گڏ ٿيا ھئا. اتي ھو اسان جي ابن ڏاڏن سان گڏ ھو ۽ انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھو جنھن ھن سان سينا جي جبل تي ڳالھايو ھو. ھي اھو ئي آھي جنھن کي زندہ ڪلام مليو، انھيءَ لاءِ تہ اھو اسان تائين پھچائي.


ڇالاءِ⁠جو سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آھن، انھيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آھن ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي آھن. شل خدا جي ھميشہ واکاڻ ھجي. آمين.


آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي.


انھيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي عيسيٰ مسيح جي وسيلي شل ھميشہ تائين واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.


گھڻو ئي فائدو آھي. پھريون فائدو تہ خدا کين پنھنجو ڪلام سونپيو.


تنھنڪري توڙي اوھين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلوي خاطر ڪريو.


روحاني نعمتون تہ جدا جدا قسمن جون آھن، پر پاڪ روح تہ ھڪڙو ئي آھي.


خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري.


ڇالاءِ⁠جو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو.


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


انھيءَ خدمت مان ماڻھن کي اھو ثبوت ملندو، تہ ڪيئن نہ اوھين مسيح جي خوشخبريءَ جو اقرار ڪندي تابعداري ڪري ٿا ڏيکاريو. اھي انھيءَ ڪري خدا جي تعريف ڪندا ۽ انھيءَ ڪري بہ تہ اوھين ھنن جي بلڪ سڀني ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ سخاوت سان شريڪ ٿيو ٿا.


۽ ھن جي وڏي قدرت اسان ايمان وارن لاءِ ڪھڙي نہ بي⁠انداز آھي.


اوھان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالھہ نہ نڪري. پر اھڙي ڳالھہ نڪري جيڪا ضرورت مطابق ٻين جي سڌاري جو سبب بڻجي تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انھيءَ مان برڪت حاصل ٿئي.


ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.


مطلب تہ خداوند جا ھئڻ ڪري ۽ سندس قدرت جي زور جي ڪري زورآوار ٿيو.


شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.


۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہ عيسيٰ مسيح خداوند آھي، تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.


اوھان جي ڳالھہ ٻولھہ ھميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي ھئڻ کپي، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھرھڪ کي ڪيئن مناسب جواب ڏجي.


بلڪ جيئن خدا اسان کي قبول ڪري خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻھن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي آزمائي ٿو.


ھاڻي دائمي بادشاھہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


پر تون اھي ڳالھيون بيان ڪندو رھہ، جيڪي صحيح تعليم جي موافق آھن.


سو اھي ڳالھيون آھن، جيڪي تو کي سيکارڻيون آھن. پوري اختياريءَ سان ماڻھن کي نصيحت ڪر ۽ ملامت ڪر. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پنھنجي حقارت ڪرڻ نہ ڏي.


اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو.


حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوھان کي استاد ٿيڻ گھربو ھو، پر اوھين اڃا تائين انھيءَ ڳالھہ جا محتاج آھيو تہ ڪو ماڻھو وري اوھان کي خدا جي ڪلام جي ابتدائي اصولن جي تعليم ڏئي. سو اوھان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آھي.


اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھا ڳالھہ ياد رکو تہ ھر ھڪ ماڻھو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالھائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي.


غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.


اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.


پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو مسيحي ھئڻ سببان ڏک سھي تہ شرمندو نہ ٿئي، بلڪ انھيءَ نالي جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندو رھي.


انھيءَ جي بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين رھي. آمين.


انھيءَ واحد خدا، اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي جلال ۽ عظمت، قدرت ۽ اختيار سونھي، جيئن ازل کان ھو، ھاڻي آھي ۽ ھميشہ تائين ھوندو. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan