Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 3:9 - Common Language New Testament

9 بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين انھيءَ لاءِ سڏيا ويا آھيو تہ برڪت جا وارث ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو آسيس ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان کي آسيس جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 3:9
26 Iomraidhean Croise  

جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوء⁠ڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي.


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


عيسيٰ جڏھن رستي سان ويو پئي تہ ھڪڙو ماڻھو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس آڏو گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


تنھن کان پوءِ شريعت جو ھڪڙو عالم اٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“


ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


جيڪي اوھان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. ھائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو.


جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني شين ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آھن.


سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.


ھي انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراھيم کي مليل برڪت عيسيٰ مسيح جي وسيلي غير قومن تائين پھچي ۽ اسان کي ايمان جي وسيلي اھو پاڪ روح ملي، جنھن جو واعدو ٿيل آھي.


ھڪ ٻئي تي مھربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جھڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوھان کي معاف ڪيو، تھڙيءَ طرح اوھين بہ ھڪ ٻئي کي معاف ڪندا رھو.


خبردار، ڪوبہ ڪنھن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ ھڪ ٻئي سان ۽ سڀني ماڻھن سان ھميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.


اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ کان پوءِ جڏھن ھن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. ھن کي توبھہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ ھن ڳوڙھا ڳاڙيندي انھيءَ برڪت کي ھٿ ڪرڻ جي تمام گھڻي ڳولا ڪئي.


خدا فرمايو تہ ”يقيناً آءٌ تو کي برڪتون ڏيندو رھندس ۽ تنھنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan