Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 3:5 - Common Language New Testament

5 اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ عورتون جيڪي خدا ۾ اميد رکنديون ھيون، سي پنھنجي پنھنجي مڙس جون تابعدار رھي انھيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون ھيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ زالون، جن جي اُميد خدا تي هئي، سي انهيءَ طرح پنهنجن مڙسن جي تابع رهي، پاڻ کي سينگارينديون هيون:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 اڳئين زماني ۾ بہ ايشور تي ڀروسو رکندڙ پوِتر ناريون پنهنجي پنهنجي پتيءَ جي وس هيٺ رهي انهيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 اڳئين زماني ۾ بہ خدا تي ڀروسو رکندڙ پاڪيزہ عورتون پنهنجي پنهنجي مڙس جون تابعدار رهي انهيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 3:5
17 Iomraidhean Croise  

۽ پوءِ رن⁠زال ٿي. ھاڻي سندس عمر چوراسي ورھيہ ھئي، پر ڪڏھن بہ ھيڪل کان پير ٻاھر نہ ڪڍيائين ۽ رات ڏينھن روزا رکي، دعائون گھري پئي عبادت ڪندي ھئي.


ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.


يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي.


اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.


بلڪ اھي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انھن عورتن کي مناسب آھي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.


تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي.


اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.


اھا رن⁠زال جيڪا سچ⁠پچ رن⁠زال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي.


ايمان جي ڪري ئي ابراھيم پيءُ ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ ھو تمام پيرسن ھو ۽ سارہ بہ سنڍ ھئي. ابراھيم کي واعدي ڪرڻ واري تي پورو پورو يقين ھو.


اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھجي. ھن پنھنجي وڏيءَ رحمت سان، عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اھڙيءَ طرح اسان ۾ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan