Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 3:11 - Common Language New Testament

11 ھو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. ھو صلح کي ڳولي لھي ۽ انھيءَ جي ڪڍ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 بديءَ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري، صلح جو طالب رهي، ۽ انهي جي پٺيان هلي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. هو صلح وَ شانتيءَ جو ڳولائو هجي ۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. هو صلح وَ سلامتيءَ جو طالبو هجي ۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 3:11
37 Iomraidhean Croise  

تہ جيئن اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي تنھن جا اوھين ٻار ٿيو. ڇالاءِ⁠جو ھو نيڪن ۽ بڇڙن تي پنھنجو سج ھڪجھڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن ۽ ڪوڙن ٻنھي تي ھڪجھڙو مينھن وسائي ٿو.


سڀاڳا آھن اھي جيڪي ماڻھن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي پنھنجو ٻار سڏيندو.


اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن، سو جڏھن بہ اوھان جي مرضي ٿئي تڏھن انھن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.


جيڪا انھن تي چمڪندي جيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا ۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“


پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کان پڇان ٿو تہ سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنھن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“


منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.


جيڪڏھن ٿي سگھي تہ اوھين پنھنجي وس آھر سڀني ماڻھن سان صلح ۾ رھو.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.


پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون.


جيئن تہ اسين ايمان جي ڪري سچار بڻايا ويا آھيون، تنھنڪري اسان جو پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميلاپ ٿي ويو آھي.


اھو ئي سبب آھي جو آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اُھي ڪريان ٿو.


تنھنڪري مون کي ھڪ اصول نظر ٿو اچي تہ جڏھن آءٌ چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انھن جي بجاءِ بڇڙا ڪم ٿيو پون.


جيڪڏھن ڪنھن جي نيت انساني فطرت جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو موت آھي. پر جي ڪنھن جي نيت پاڪ روح جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو زندگي ۽ سلامتي آھي.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


انھن کي حڪم ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رھن.


سڀني ماڻھن سان صلح سان رھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انھيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنھن کانسواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.


تنھنڪري جيڪو ماڻھو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو، انھيءَ جي لاءِ اھو گناھہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو خداوند جون اکيون سچارن تي آھن ۽ سندس ڪن انھن جي التجا تي. پر جيڪي بدي ڪن ٿا، خدا انھن کان منھن موڙي ٿو.“


پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، بلڪ چڱائيءَ جي پيروي ڪر. جيڪو نيڪي ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنھن خدا کي ڪڏھن بہ نہ ڄاتو آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan