Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 3:1 - Common Language New Testament

1 اي زالون! ساڳيءَ طرح اوھين بہ پنھنجن مڙسن جون تابعدار رھو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪڏھن انھن مان ڪي پاڪ ڪلام کي نہ مڃيندا ھجن تہ اھي پنھنجين زالن جي ھلت چلت جي ڪري، چوڻ کان سواءِ ئي خدا جي طرف ڇڪجي اچن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ساڳيءَ طرح زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهن؛ انهي لاءِ تہ جي انهن مان ڪي ڪلام کي نہ مڃيندا هجن، تہ بہ پنهنجين زالن جي هلت چلت جي ڪري ڪلام ڪرڻ کانسواءِ خدا جي طرف ڇڪجي اچن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1-2 اي پتنيون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت سنديش کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان پتنين جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي ايشور جو خوف ڪندي ۽ پوِتر هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي ايشور ڏانهن ڇڪجي اچن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1-2 اي زالون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن مڙسن جون تابعدار رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت پيغام کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان زالن جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي خدا جو خوف ڪندي ۽ پاڪيزہ هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي خدا ڏانهن ڇڪجي اچن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 3:1
26 Iomraidhean Croise  

”جيڪڏھن اوھان جي ڪليسيا جو ڪو ماڻھو اوھان جو ڏوھہ ٿو ڪري تہ ھن کي اھو ڏوھہ اڪيلائيءَ ۾ ياد ڏياريو. جيڪڏھن ھن اوھان جي ڌيان سان ٻڌي تہ ڄڻ اوھان ھڪ ھم⁠ايمان کي موٽائي آندو،


پر بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن اھا خوشخبري ڌيان ڏيئي نہ ٻڌي، ڇالاءِ⁠جو يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنھن ايمان آندو؟“


خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي.


مثلاً، شريعت موجب زال پنھنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رھي ٿي. پر جيڪڏھن اھو مڙس مري وڃي تہ ھوءَ سندس نڪاح کان ڇٽل آھي.


آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ھر مرد جو سر مسيح آھي، عورت جو سر مرد آھي ۽ مسيح جو سر خدا آھي.


ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي.


ڇالاءِ⁠جو اي زال! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي مڙس کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ يا اي مڙس! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي زال کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟


اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اي زالون! پنھنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رھو، ڇوتہ خداوند جون ھئڻ ڪري اوھان لاءِ اھو مناسب آھي.


ھرھڪ موقعي جو فائدو وٺندي جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن سان سياڻپ سان ھلت ڪريو.


ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين.


جڏھن ابراھيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جو حڪم مڃي انھيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو، جيڪا بعد ۾ کيس ميراث طور ملڻي ھئي. جيتوڻيڪ ھن کي اھا خبر نہ ھئي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃي، پر تڏھن بہ ھو اٿي روانو ٿيو.


پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


يعني جڏھن اھي اوھان جي پاڪيزہ ۽ ادب واري ھلت چلت ڏسن.


اي مڙسؤ! اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجين زالن سان عقلمنديءَ سان ھلو. عورت ذات کي نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اھي بہ اوھان جي زندگيءَ جي نعمت ۾ وارث آھن. ائين ڪرڻ سان اوھان جون دعائون بي⁠اثر نہ ٿينديون.


ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan