1.پطرس 1:7 - Common Language New Testament7 انھن آزمائشن جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جو ايمان جيڪو باھہ سان پرکيل فاني سون کان بہ تمام گھڻو قيمتي آھي، سو آزمائڻ سان خالص ثابت ٿي عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت واکاڻ، عظمت ۽ عزت جي لائق ٺھري. Faic an caibideilSindhi Bible7 انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible7 انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو وشواس خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو وشواس بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو ناس ٿيندڙ سون کان گھڻو قيمتي آهي. ايشور چاهي ٿو تہ اوهين يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت ساراهہ، شان وَ شوڪت ۽ مانسمان جي لائق قرار ڏنا وڃو. Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible7 انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو. Faic an caibideil |