Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 1:18 - Common Language New Testament

18 اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا اجائي ھلت چلت جيڪا ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي اٿوَ، تنھن کان اوھان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جھڙيون فاني شيون نہ ھيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي اجائي هلت چلت جا اوهان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هلي آئي آهي، تنهن کان اوهان کي فاني شين، يعني سون ۽ چانديءَ جي وسيلي نجات نہ ملي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

18 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون ناس ٿيندڙ شيون نہ هيون،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

18 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون فاني شيون نہ هيون،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 1:18
28 Iomraidhean Croise  

ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


ڇالاءِ⁠جو انھن خدا کي سڃاڻي بہ سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي بيان نہ ڪئي ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ پنھنجن اجاين خيالن ۾ منجھي پيا ۽ سندن بي⁠سمجھہ دلين تي اوندھہ ڇانئجي ويئي.


ٻي ھنڌ لکيل آھي تہ ”خداوند ڄاڻي ٿو تہ ڏاھن جا خيال اجايا آھن.“


ڇالاءِ⁠جو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو.


اوھين تہ مُلھہ ورتل آھيو، سو ماڻھن جا غلام نہ ٿيو.


مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.


تنھنڪري آءٌ خداوند جي نالي اوھان کي زور ڏيندي چوان ٿو تہ اوھين اڳتي اھڙيءَ طرح نہ ھلو، جھڙيءَ طرح غير قومون پنھنجن اجاين خيالن موجب ھلن ٿيون.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


مسيح انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ ھڪڙو ئي ڀيرو داخل ٿيو. ھن ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، بلڪ خود پنھنجي رت جي وسيلي داخل ٿي اسان جي لاءِ ھميشہ جو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


انھن آزمائشن جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جو ايمان جيڪو باھہ سان پرکيل فاني سون کان بہ تمام گھڻو قيمتي آھي، سو آزمائڻ سان خالص ثابت ٿي عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت واکاڻ، عظمت ۽ عزت جي لائق ٺھري.


ڇالاءِ⁠جو جيترو وقت اوھان غير قومن جي مرضيءَ موجب ھلت ڪئي، يعني شھوت⁠پرستيءَ، برين خواھشن، شراب⁠خوريءَ، نشي⁠بازيءَ، راڳ روپ ۽ ڪراھت جھڙي بت⁠پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آھي.


اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan