Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 1:14 - Common Language New Testament

14 اوھين فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريو. اھي بريون خواھشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوھان جي جاھليت واري زماني ۾ اوھان منجھہ ھيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 فرمانبردار ٻارن وانگر پنهنجي نادانيءَ جي وقت وارين نفساني خواهشن موجب هلت نہ ڪريو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

14 اوهين ايشور جي فرمانبردار ٻارن وانگر جيون گذاريندي اهي بريون خواهشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوهان جي جهالت واري زماني ۾ اوهان منجھہ هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

14 اوهين خدا جي فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريندي اهي بريون خواهشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوهان جي جهالت واري زماني ۾ اوهان منجھہ هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 1:14
12 Iomraidhean Croise  

سو جن وقتن ۾ ماڻھو بي⁠خبر ھئا، تن وقتن ۾ خدا بہ چشم⁠پوشي ڪئي. پر ھن زماني ۾ خدا سڀني ماڻھن کي حڪم ٿو ڏئي تہ ھو جتي بہ ھجن اتي توبھہ ڪن.


ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.


تنھنڪري اسين سندس مرڻ ۾ بپتسما جي وسيلي ھن سان گڏ دفن ٿي ويا ھئاسين، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح پنھنجي پيءُ جي جلوي سان مئلن مان جياريو ويو تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ گذاريون.


انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.


متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِ⁠جو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين.


خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan