Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 4:6 - Common Language New Testament

6 اسين خدا جا آھيون. جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آھي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انھيءَ مان اسان کي حق جي روح ۽ گمراھيءَ جي روح جي خبر پوي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 اسين خدا جا آهيون؛ جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻُڌي ٿو؛ جيڪو خدا جو ناهي سو اسان جي نٿو ٻُڌي. انهي مان اسين حق جي روح کي ۽ گمراهيءَ جي روح کي سڃاڻي ٿا وٺون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 پر اسين ايشور جا آهيون. جيڪو ايشور کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو ايشور جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ واري آتما آهي ۽ ڪنهن ۾ ڀَٽڪائڻ واري آتما.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 پر اسين خدا جا آهيون. جيڪو خدا کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ وارو روح آهي ۽ ڪنهن ۾ گمراهيءَ وارو روح.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 4:6
33 Iomraidhean Croise  

يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.


منھنجون رڍون منھنجو آواز ٻڌن ٿيون. آءٌ پنھنجن رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ اھي منھنجي پٺيان ھلن ٿيون.


پر اھو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوھان ڏانھن موڪليندس، يعني سچ جو پاڪ روح، جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو سو مون بابت شاھدي ڏيندو.


اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِ⁠جو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


پيارا ٻارؤ! اوھين خدا جا آھيو ۽ انھن نبي سڏائيندڙن تي فتحياب ٿيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان ۾ آھي سو انھيءَ کان وڌيڪ طاقتور آھي جيڪو دنيا ۾ آھي.


تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“


جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن.


ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين.


جڏھن سچ جو پاڪ روح ايندو، تڏھن ھو اوھان کي سموري سچ ڏانھن وٺي ويندو. ھو پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ڳالھائيندو، پر جيڪي ڳالھيون ٻڌندو سي ئي چوندو ۽ جيڪي ٿيڻو آھي سو اوھان کي کولي ٻڌائيندو.


جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو خدا کي نہ ٿو سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا پيار آھي.


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ ايندڙ زمانن ۾ ڪي ماڻھو ايمان کان ڦري ويندا ۽ گمراھہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“


تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“


”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“


پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو.


اوھين رڳو انھن شين تي نظر ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي اکين اڳيان آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي پاڻ تي اھو يقين آھي تہ ھو مسيح جو آھي، تہ انھيءَ کي وري دل ۾ اھو بہ سوچڻ گھرجي تہ جھڙيءَ طرح ھو پاڻ مسيح جو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ آھيون.


جيئن لکيل آھي تہ ”خدا انھن جي دل ۽ عقل تي تالو لڳائي ڇڏيو، ۽ اڄ ڏينھن تائين اھي اکين سان ڏسي ۽ ڪنن سان ٻڌي نہ ٿا سگھن.“


ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.


تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“


منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين ھيٺ جا آھيو، پر آءٌ مٿان آيو آھيان. اوھين ھن دنيا جا آھيو، پر آءٌ ھن دنيا جو نہ آھيان.


دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آھيون، جيتوڻيڪ ٻي سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan