Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 4:3 - Common Language New Testament

3 پر جيڪو روح عيسيٰ کي نہ ٿو مڃي، سو خدا جي طرفان نہ آھي ۽ اھو ئي مسيح جي دشمن جو روح آھي، جنھن جي بابت اوھان ٻڌو آھي تہ اچڻ وارو آھي، بلڪ ھاڻي اچي چڪو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ جيڪو روح يسوع کي نٿو مڃي، سو خدا جي طرفان ناهي. ۽ اهوئي مخالف مسيح جو روح آهي، جنهن جي بابت اوهان ٻُڌو آهي تہ اچڻ وارو آهي؛ بلڪ هاڻي ئي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 پر جيڪو ماڻهو يسوع بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ ايشور جي آتما نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جي آتما آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اها آتما اچڻ واري آهي، بلڪ هاڻي سنسار ۾ اچي چڪي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 پر جيڪو ماڻهو عيسيٰ بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ خدا جو روح نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جو روح آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اهو روح اچڻ وارو آهي، بلڪ هاڻي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 4:3
5 Iomraidhean Croise  

ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٺڳيندا .


پيارا ٻارؤ! ھي آخري وقت آھي. جيئن تہ اوھان ٻڌو آھي تہ مسيح جو ھڪ دشمن اچڻ وارو آھي، تيئن ئي ھاڻي مسيح جا ڪيترا ئي دشمن ظاھر ٿي چڪا آھن، جنھن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ھيءُ ئي آخري وقت آھي.


تہ پوءِ ڪير ڪوڙو آھي؟ سواءِ انھيءَ جي جيڪو انڪار ڪري چوي ٿو تہ ”عيسيٰ اھو مسيح نہ آھي.“ اِھو ئي مسيح جو دشمن آھي، ڇوتہ ھو پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي جو انڪار ڪري ٿو.


ڇالاءِ⁠جو ڪيئي گمراھہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي عيسيٰ مسيح جي انساني صورت ۾ اچڻ جو انڪار ٿا ڪن. اھڙي قسم جو شخص گمراھہ ڪندڙ ۽ مسيح جو دشمن آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan