Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 3:1 - Common Language New Testament

1 ڏسو، پيءُ جو اسان سان ڪيترو نہ پيار آھي. ھن جو اسان سان ايترو تہ پيار آھي جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آھيون بہ. اِھو ئي سبب آھي جو دنيا اسان کي نہ ٿي سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو ھن کيس بہ نہ سڃاتو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 ڏسو، ايشور پتا جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر سنسار وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن ايشور کي بہ نہ ڄاتو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 ڏسو، خدا پيءُ جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر دنيا وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن خدا کي بہ نہ ڄاتو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 3:1
33 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ⁠جو اھي وري ڪڏھن مرڻ جا نہ آھن، بلڪ اھي ملائڪن جھڙا ٿيندا. اھي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي مئلن مان جيئرا ٿيا آھن.


پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اھو حق ڏنائين تہ ھو خدا جا ٻار ٿين.


نہ رڳو قوم لاءِ پر انھيءَ لاءِ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آھن تن کي گڏي ھڪ ڪري.


پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي.


اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِ⁠جو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي.


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو.


سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي.


تہ مخلوقات فنا جي غلاميءَ کان ڇٽي پوندي ۽ خدا جي ٻارن جي شاندار آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي.


ھن تہ پنھنجو فرزند بہ اسان کان نہ وانجھيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. جڏھن ھن پنھنجو فرزند اسان کي ڏنو تہ پوءِ ٻي ڪھڙي شيءِ آھي جا ھو اسان کي نہ بخشيندو؟


آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“


ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو.


جيڪڏھن اوھين مسيح جا آھيو تہ پوءِ ابراھيم جو نسل آھيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آھيو.


ڇالاءِ⁠جو اوھين مري ويا آھيو ۽ اوھان جي زندگي ھاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آھي.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪير خدا جا ۽ ڪير شيطان جا ٻار آھن، ڇالاءِ⁠جو جيڪو سچائي نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آھي ۽ نڪي اھو جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري.


پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.


انھيءَ سبب پيار کي اسان ۾ مڪمل ڪيو ويو آھي تہ جيئن عدالت جي ڏينھن اسان کي تسلي ھجي، ڇالاءِ⁠جو ھن ئي دنيا ۾ اسين مسيح وانگر آھيون.


جيڪو غالب پوندو سو ھنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انھيءَ جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجو ٻار ٿيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan