Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 1:6 - Common Language New Testament

6 پوءِ جيڪڏھن اسان جي خدا سان صحبت آھي ۽ ھلون وري اوندھہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالھايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان جي هن سان شراڪت آهي، ۽ اوندهہ ۾ هلون تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون، ۽ سچ تي نٿا هلون:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ ايشور سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ خدا سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 1:6
25 Iomraidhean Croise  

قيامت جي ڏينھن گھڻا ئي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنھنجي نالي تي اڳڪٿيون نہ ڪيون ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘


پر جيڪڏھن ھو رات جي اونداھيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي روشني نہ آھي.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”اڃا ڪجھہ وقت روشني اوھان وٽ رھندي. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ ۾ گھمندا رھو، ائين نہ ٿئي جو اونداھي اچي اوھان تي ڪڙڪي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اونداھيءَ ۾ گھمندو آھي تنھن کي خبر نہ پوندي آھي تہ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھيان.


آءٌ روشني آھيان ۽ ھن دنيا ۾ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداھيءَ ۾ نہ رھي.


عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“


اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو.


اھڙيون ڳالھيون انھن ڪوڙن ماڻھن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جو ضمير مئل آھي، ڄڻ تہ گرم لوھہ سان ڏنڀيل آھي.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آھي،“ پر ھن کي عمل نہ ھجي، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ڇا اھڙو ايمان ھن کي بچائي ٿو سگھي؟


ھاڻي جيڪڏھن اوھان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃ، گرم ۽ ڍاول رھہ،“ پر کيس اھي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس جسم لاءِ ضروري آھن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟


پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“ ”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“


جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان گناھہ ڪونہ ڪيو آھي، تڏھن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس ڪلام موجود نہ آھي.


جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.


جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان ۾ گناھہ ڪونہ آھي، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانھي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا کي سڃاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اھو شخص ڪوڙو آھي ۽ ھن ۾ سچائي اصل ڪانہ آھي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر ھو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري جنھن کي ھن ڏٺو آھي، سو خدا سان پيار ڪين ڪري سگھندو، جنھن کي ھن ڏٺو ئي ڪينھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan