Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 1:4 - Common Language New Testament

4 ھي ڳالھيون اسين انھيءَ لاءِ لکي رھيا آھيون تہ جيئن اسان کي پوري پوري خوشي حاصل ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ اهي ڳالهيون اسين هن لاءِ ٿا لکون تہ اسان جي خوشي پوري ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 1:4
10 Iomraidhean Croise  

مون اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري اوھان کي ٻڌايون آھن تہ جيئن منھنجي خوشي اوھان ۾ ھجي ۽ اوھان جي خوشي پوري ٿئي.


ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“


گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي.


اسين ايمان جي باري ۾ اوھان تي حڪومت نہ ٿا ھلايون. پر اوھان جي خوشيءَ ۾ اوھان جا مددگار آھيون، ڇالاءِ⁠تہ ايمان جي وسيلي اوھين قائم آھيو.


يعني مسيح جي انھيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا سمجھہ کان ٻاھر آھي، تہ جيئن اوھين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.


منھنجا پيارا ٻارو، آءٌ ھي اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، تہ جيئن اوھين گناھہ نہ ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو شخص گناھہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جو ھڪڙو مددگار موجود آھي يعني عيسيٰ مسيح، جيڪو انصاف ڪرڻ وارو آھي.


مون کي ڪيتريون ئي ڳالھيون اوھان کي ٻڌائڻيون آھن، جيڪي مس سان ۽ ڪاغذ تي لکڻ نہ ٿو چاھيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوھان سان ملي ڳالھيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan