Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 4:5 - Sindhi Bible

5 شل اوهان جي بردباري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. خداوند نزديڪ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ پرڀو يسوع اسان جي ويجھو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ خداوند عيسيٰ اسان جي ويجھو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 اوھان جي بردباري سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿئي. خداوند ويجھو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 4:5
25 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان جو فڪر نہ ڪريو، تہ اسين ڇا کائينداسين، يا ڇا پيئنداسين؛ نڪي پنهنجي بُت جو فڪر ڪريو تہ ڇا ڍڪينداسين؛ جان کاڌي کان ۽ بُت ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟


تنهنڪري سڀاڻي جو فڪر نہ ڪريو، ڇالاءِ جو سڀاڻو پنهنجي لاءِ پاڻ فڪر ڪندو؛ اڄ جو ڏک اڄ لاءِ ئي بس آهي.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.


پر حقيقت ڪري اها اصل اوهان جي شڪست آهي جو اوهين هڪ ٻئي تي مقدما ٿا ڪريو. انهي کان ظلم سهڻ ڇو نٿا بهتر ڄاڻو؟ ۽ ڦرجڻ ڇو نٿا قبول ڪريو؟


تنهنڪري جي کاڌو منهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ٿو ڪري تہ آئون ڪڏهن بہ گوشت نہ کائيندس، تہ متان آئون پنهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ڪريان.


هرڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. هاڻي هو جو ائين ٿا ڪن، سو فاني تاج حاصل ڪرڻ لاءِ، پر اسين غير فانيءَ لاءِ.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


تہ روح، يا ڪلام، يا خط جي ڪري جو اسان وٽان آيل سمجهو، اوهين پنهنجن خيالن ۾ ڊانوان ڊول نہ ٿيو، نڪي پريشان ٿيو، جو ڄڻ تہ خداوند جو ڏينهن هاڻي اچي پهتو آهي.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي بدگوئي نہ ڪن، جهيڙاڪ نہ ٿين، بلڪ نرم طبيعت ٿين، ۽ سڀني ماڻهن سان پوريءَ حليمائيءَ سان هلن.


۽ پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪ ماڻهن جو دستور آهي، بلڪ هڪٻئي کي نصيحت ڪريون، ۽ جيئن جيئن اوهين اُهو ڏينهن ويجهو ايندو ڏسو، تيئن وڌيڪ انهيءَ طرح ڪندا رهو.


”ڇالاءِ جو تمام ٿوري مدت باقي آهي جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


سڀني شين جي پڄاڻي جلد ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين هوشيار رهو ۽ دعا گهُرڻ ۾ سجاڳ رهو.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.


۽ ڏس، آئون جلد ٿو اچان. مبارڪ اُهو آهي جو هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي ٿو هلي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan