Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 4:3 - Sindhi Bible

3 هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ وينتي ٿو ڪريان تہ انهن نارين جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين ساٿي سيوادارين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا ايشور وٽ جيون شاستر ۾ لکيل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انهن عورتن جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين هم‌خدمت ساٿين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا خدا وٽ زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 اي سچا ھم⁠خدمت! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انھن عورتن جي مدد ڪر، ڇالاءِ⁠جو انھن مون سان توڙي ڪليمنس ۽ منھنجي ٻين ھم⁠خدمت ساٿين سان گڏ خوشخبري ڦھلائڻ ۾ جانفشاني ڪئي آھي. ھنن سڀني جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 4:3
28 Iomraidhean Croise  

اُنهن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب مان مٽائي ڇڏ، اُهي راستبازن سان گڏ ليکيا نہ وڃن.


هاڻي جيڪڏهن تون هنن جو گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي، تنهن مان منهنجو نالو مٽائي ڇڏ.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:


۽ منهنجو هٿ انهن نبين جي برخلاف ٿيندو جي باطل شيون ٿا ڏسن، ۽ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن: اُهي منهنجي قوم جي جماعت ۾ شامل نہ ٿيندا، نڪي اُهي اسرائيل جي گهراڻي جي دفتر ۾ لکيا ويندا، ۽ نہ اُهي اسرائيل جي زمين ۾ داخل ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


پر انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو، تہ روح اوهان جي تابع آهن، پر هن ڪري خوش ٿيو، تہ اوهان جا نالا آسمان ۾ لکيل آهن.


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


تروفينا ۽ تروفوسہ، جي خداوند ۾ محنت ٿيون ڪن، تن کي سلام ڏجو. پياري پرسس کي سلام ڏجو، جنهن خداوند ۾ گهڻو پورهيو ڪيو.


اُربانس، جو مسيح ۾ مون سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهي، تنهن کي ۽ منهنجي پياري استخس کي سلام ڏجو.


هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ جيڪي مون تي ٿي گذريو آهي، تنهن مان ڪيئن نہ خوشخبريءَ جو واڌارو ٿيو آهي.


هڪڙا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن، جو ڄاڻن ٿا تہ آئون انجيل جو بچاءُ ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان؛


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


هن لاءِ جو شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انجيل جي ڦهلائڻ ۾ اوهين منهنجا شريڪ رهيا آهيو؛


جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.


آئون يوئوديہ کي نصيحت ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ اُهي خداوند ۾ يڪدل ٿي رهن.


جهڙيءَ طرح ڪ اوهان کي اسان جي پياري هم خدمت اپفراس کان تعليم ملي. هو اسان جي پاران مسيح جو ايماندار خادم آهي،


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


اهو جانور جو تو ڏٺو، سو اڳي هو پر هاڻي ڪونهي؛ ۽ اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي، ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. ۽ زمين جا رهاڪو، ۽ جن جا نالا دنيا جي بنياد کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي جڏهن ڏسندا تہ اهو جانور جو اڳي هو، ۽ هاڻي ڪونهي، ۽ هن کانپوءِ ايندو، تڏهن عجب ۾ پوندا.


۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.


۽ جي ڪنهن جو نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو تہ انهي کي بہ باهہ جي ڍنڍ ۾ اُڇلائي وڌائون.


۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan