Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 4:19 - Sindhi Bible

19 ۽ منهنجو خدا پنهنجي جلال جي دولت موافق مسيح يسوع ۾ اوهان جون سڀ گهُرجون پوريون ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

19 ائين منهنجو ايشور پنهنجي جھجھي خزاني مطابق يسوع مسيح جي وسيلي اوهان جي هر هڪ ضرورت کي پورو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

19 ائين منهنجو خدا پنهنجي جھجھي خزاني مطابق عيسيٰ مسيح جي وسيلي اوهان جي هر هڪ ضرورت کي پورو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

19 منھنجو خدا پنھنجي برڪت ڀرئي خزاني مان عيسيٰ مسيح جي وسيلي اوھان جي ھر ھڪ ضرورت کي پورو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 4:19
44 Iomraidhean Croise  

۽ هن يوسف کي برڪت ڏني ۽ چيائين تہ خدا، جنهن جي حضور ۾ منهنجو پيءُ اضحاق، ۽ منهنجو ڏاڏو ابرهام هلندا هئا ۽ اهوئي خدا، جنهن منهنجي ساريءَ عمر ۾ اڄ ڏينهن تائين منهنجي پرورش ڪئي آهي.


پنهنجي مصيبت ۾ مون خداوند کي سڏيو: هائو مون پنهنجي خداوند کي پڪاريو: ۽ هن پنهنجي هيڪل مان منهنجو آواز ٻڌو، ۽ منهنجي دانهن هن جي ڪنن تائين پهتي.


تڏهن ميڪاياہ چيو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي منهنجي خدا چوندو سو آءٌ ٻڌائيندس.


۽ جڏهن حزقياہ ۽ اميرن اچي اهي گڏ ڪيل شيون ڏٺيون، تڏهن خداوند ۽ سندس قوم اسرائيل کي برڪت جي دعا ڏنائون.


اي منهنجا خدا، جيڪي مون هنن ماڻهن جي لاءِ ڪيو آهي، سو سڀ منهنجي چڱائيءَ لاءِ ياد ڪج.


۽ هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو آسمان مان هنن کي ماني ڏني، ۽ اُنهن جي اُڃ لاهڻ لاءِ هنن جي واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍي آندو، ۽ هنن کي حڪم ڏنو تہ اُنهيءَ زمين جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃن، جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ تو قسم کنيو هو.


اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ بيحد آهن! تو انهن سڀني کي دانائيءَ سان جوڙيو آهي: زمين تنهنجي خزانن سان ڀرپور آهي.


اي اسرائيل خداوند ۾ اميد رک؛ ڇو جو خداوند وٽ رحم آهي، ۽ وٽس ججهو ڇوٽڪارو آهي.


اهي تنهنجي گهر جون نعمتون کائي ڍءُ ڪندا: ۽ تون اُنهن کي پنهنجين خوشين جي نديءَ مان پياريندين.


ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.


منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪليو آهي، ۽ شينهن جا وات بند ڪيا اٿس، ۽ انهن مون کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسايو آهي: ڇالاءِ جو جيئن انهي جي اڳيان آءٌ بي گناهہ سمجهيو ويس، تيئن، اي بادشاهہ، مون تنهنجي اڳيان ڪوبہ خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.


باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


ڇالاءِ جو غير قومن وارا انهن سڀني جا ڳولائو آهن؛ ۽ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي خبر آهي تہ اوهان کي انهن سڀني شين جي گهرج آهي.


يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ.


تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ.


پهريائين، تہ اوهان سڀني جي حق ۾ يسوع مسيح جي وسيلي پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جي ساريءَ دنيا ۾ پڌرائي ٿي ويئي آهي.


واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!


يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟


ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ هن زماني جا ڏک سور اُنهي جلال سان مقابلي ڪرڻ جي لائق نہ آهن، جو اسان تي ظاهر ٿيڻ وارو آهي.


۽ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ هن جلال جي واسطي اڳيئي تيار ڪيا هئا، تن تي پنهنجي جلال جي نعمت ظاهر ڪري،


متان جڏهن آئون وري اچان، تڏهن منهنجو خدا مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري، ۽ مون کي اهڙن گهڻن لاءِ افسوس ڪرڻو پوي، جن هيستائين ناپاڪي ۽ زناڪاري ۽ نفس پرستي جا گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ توبهہ نہ ڪئي اٿن.


ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛


۽ اوهان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ اوهان کي خبر پوي تہ هن جو اوهان کي ڪوٺيو آهي، تنهن جي ڪهڙي اُميد آهي، ۽ هن جي ميراث جي جلال جي دولت پاڪ ٿيلن ۾ ڪهڙي آهي؛


۽ انهي ۾ اسان کي سندس رت جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آهي؛ يعني سندس فضل جي دولت موافق اسانجن گناهن جي معافي ملي آهي.


انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري:


تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛


آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛


۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.


جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو.


جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛


آئون توکي پنهنجين دعائن ۾ ياد ڪري هميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان،


تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan