Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 3:16 - Sindhi Bible

16 اسان کي رڳو هيترو ڪرڻ کپي تہ جنهن منزل تائين پهتا آهيون، انهيءَ تي هلندا هلون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب جيون گذاريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب زندگي گذاريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 پر اسان کي رڳو ايترو ڪرڻ کپي تہ جنھن منزل تائين پھتا آھيون، تنھن موجب ھلندا ھلون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 3:16
14 Iomraidhean Croise  

پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو.


هاڻي صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوهان کي هي بخشي، تہ مسيح يسوع ۾ اوهين پاڻ ۾ يڪدل ٿي گذاريو:


اوهين چڱيءَ طرح پئي ڊوڙيا؛ اوهان کي ڪنهن روڪيو تہ سچ کي نہ مڃو؟


۽ جيڪي بہ انهي قاعدي تي هلندا، تن تي ۽ خدا جي اسرائيل تي، شل رحم ۽ اطمينان هجي.


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


تہ اوهين منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪدل ٿي رهو، هڪجهڙي محبت رکو، همراهہ ۽ هم خيال ٿي گذاريو؛


آئون يوئوديہ کي نصيحت ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ اُهي خداوند ۾ يڪدل ٿي رهن.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح اوهان مسيح يسوع خداوند کي قبول ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح انهي ۾ هلندا رهو،


دعا گهُرڻ ۾ قائم رهو، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ ۾ هوشيار رهو؛


تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan