Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 3:13 - Sindhi Bible

13 اي ڀائرو، آئون نٿو سمجهان تہ اڃا مون اُها شيءِ هٿ ڪئي آهي: پر هي هڪڙو ڪم آئون ڪريان ٿو، جو جيڪي گذري ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي اڳيان آهي تنهن ڏانهن وڌندو ٿو وڃان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

13 هائو، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اها دعويٰ نہ ٿو ڪريان تہ مون اهو انعام کٽي ورتو آهي. پر منهنجي ڪوشش رڳو اها آهي تہ جيڪي ڪجھہ پٺتي رهجي ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي ڪجھہ اڳيان آهي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

13 هائو، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اها دعويٰ نہ ٿو ڪريان تہ مون اهو انعام کٽي ورتو آهي. پر منهنجي ڪوشش رڳو اها آهي تہ جيڪي ڪجھہ پٺتي رهجي ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي ڪجھہ اڳيان آهي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

13 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ ڪو اڃا تائين مون اھا شيءِ ھٿ ڪئي آھي. پر ھڪ ڳالھہ سو آءٌ ڪريان ٿو تہ جيڪي شيون پٺتي رھجي ويون آھن تن کي وساري، جيڪي اڳيان آھن تن ڏانھن زور لڳائيندو وڌندو پيو وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 3:13
15 Iomraidhean Croise  

مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


اي ڌيءَ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌ ۽ غور ڪر؛ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جو گهر وساري ڇڏ.


پر هڪڙي ڳالهہ زيادہ ضروري آهي؛ ۽ مريم اُهو چڱو حصو چونڊي کنيو آهي، جو کانئس ڪين کسبو.


پر يسوع چيس تہ جيڪو پنهنجو هٿ هر تي رکي وري پٺتي ٿو نهاري، سو خدا جي بادشاهت جي لائق نہ آهي.


تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


نہ انهي لاءِ تہ مون اها مراد اڳيئي حاصل ڪئي آهي، يا اڳيئي ڪامل ٿي چڪو آهيان: پر آئون ڌوڪيندو اڳتي ٿو وڃان، تہ من اُها شيءِ وڃي هٿ ڪريان، جنهن لاءِ مسيح بہ مون کي هٿ ڪيو آهي.


هائو، بيشڪ، آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي وڏيءَ خوبيءَ جي ڪري سڀني شين کي نقصان ٿو سمجهان؛ جنهن جي خاطر مون نقصان سَٺو ۽ انهن شين کي گند ٿو ڄاڻان؛ انهي لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،


تنهنڪري اچو تہ مسيح جي بابت ٻاراڻي تعليم ڇڏي ڪماليت ڏانهن وڌندا هلون، ۽ مُردار ڪمن کان توبهہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو وري بنياد نہ وجهون؛


پر اي پيارو، هيءَ هڪڙي ڳالهہ نہ وساريو، تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار ورهين جي برابر آهي، ۽ هزار ورهيہ هڪ ڏينهن جي برابر.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan