فلپين 3:1 - Sindhi Bible1 هاڻي، اي منهنجا ڀائرو، خداوند ۾ خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن وري وري لکڻ ڪري مون کي تڪليف ڪانہ ٿي ٿئي، پر اوهان جي لاءِ انهي ۾ سلامتي آهي. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible1 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي بچاءَ لاءِ آهي. Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible1 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي حفاظت لاءِ آهي. Faic an caibideilCommon Language New Testament1 آخر ۾، اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين خوش رھو. ساڳيون ڳالھيون اوھان ڏانھن وري لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو انھيءَ ۾ اوھان جي لاءِ سلامتي آھي. Faic an caibideil |