Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:30 - Sindhi Bible

30 ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

30 ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي سيوا خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي سيوا ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

30 ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي خدمت خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

30 ڇاڪاڻ⁠تہ ھو مسيح جي ڪم خاطر مرڻ تي ھو ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي خدمت ۾ اوھان جي طرفان جيڪا گھٽتائي ھئي سا پوري ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:30
15 Iomraidhean Croise  

پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ.


ڇالاءِ جو هي فاني جسم ضرور بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هيءُ مرڻ وارو جسم ضرور هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو.


هاڻي جي تيمٿيس اچي تہ اهو خيال رکجو تہ اوهان وٽ بي ڊپو رهي، ڇالاءِ جو هو بہ خداوند جو ڪم ائين ٿو ڪري جيئن آئون ٿو ڪريان.


۽ آئون استفناس، ۽ فرتوُناتس ۽ اخيڪس جي اچڻ ڪري خوش ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو اوهان جي بدلي آهن؛


۽ آئون گهڻيءَ خوشيءَ سان اوهانجن روحن لاءِ خرچ ڪندس، ۽ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جيڪڏهن آئون اوهان کي گهڻو پيار ڪريان، تہ اوهين ڪو مون کي گهٽ پيار ڪندا ڇا؟


تنهن ڪري اسين موت جي اثر هيٺ ٿا رهون، پر اوهين زندگيءَ جي.


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


سچ پچ هو بيمار هو ۽ مرڻ تي هو، پر خدا مٿس رحم ڪيو، ۽ نہ رڳو مٿس، پر مون تي بہ، تہ مون کي ڏک پٺيان ڏک نہ رسي.


پر آئون خداوند ۾ ڏاڍو خوش ٿو ٿيان، جو نيٺ منهنجي لاءِ اوهان پنهنجو خيال تازو ڪيو آهي؛ بيشڪ اڳي بہ اوهان کي انهي بابت خيال هو، مگر اوهان کي وجهہ نٿي مليو.


پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي.


آئون جيڪر خوشيءَ سان هن کي پاڻ وٽ رکان ها، تہ تنهنجي پاران هن قيد ۾، جو انجيل جي ڪري آهي، هو منهنجي خدمت ڪري.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan